ملڪيتن جا نوان اگهه جاري: ڪراچي ۾ 1400 کان 55 هزار رپيا ۽ حيدرآباد ۾ 33 هزار کان 88 هزار رپيا في گز

0
47
ملڪيتن جا نوان اگهه جاري: ڪراچي ۾ 1400 کان 55 هزار رپيا ۽ حيدرآباد ۾ 33 هزار کان 88 هزار رپيا في گز
ملڪيتن جا نوان اگهه جاري: ڪراچي ۾ 1400 کان 55 هزار رپيا ۽ حيدرآباد ۾ 33 هزار کان 88 هزار رپيا في گز

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) ڪراچي ۾ زمينن جا اگهه وڌي ويا، ايف بي آر پلاٽن جي نئين قيمت جو اعلان ڪري ڇڏيو، سڀ کان مهانگو پلاٽ زمزمه ڪلفٽن ۾ 55 هزار في چورس گز، ڊي ايچ اي ون کان 7 تائين رهائشي پلاٽ جي قيمت 8200 رپيا في چورس گز، عسڪري ون، ٽو، ٿري ۾ 1100، فور ۾ 8200، فائيو ۾ 15 هزار رپيا في چورس گز اگهه مقرر ڪيو ويو، عبدالله هارون، ايئر فورس سوسائٽي ۾ قيمت 5 هزار رپيا في چورس گز، ڪلفٽن بلاڪ ون ۾ 5 هزار، ڪلفٽن ڪوارٽرز 8200 رپيا چورس گز، ڊفينس آفيسرز هائوسنگ اسڪيم ۾ 50 هزار، زمزمه ڪلفٽن 55 هزار رپيا اگهه مقرر ڪيو ويو، گلشن اقبال بلاڪ 4، 6، 7 ۽ 17 ۾ 8 هزار چورس گز، محمد علي سوسائٽي ۾ 8200 رپيا اگهه مقرر ڪيو ويو، پلاٽن جي نئين قيمت پهرين نومبر کان لاڳو هوندي، ايف بي آر نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.  اختر ڪالوني ۽ الفلاح سوسائٽي ۾ پلاٽ جي قيمت 1400 رپيا چورس گز، علي بستي ۾ 700، ملير ڪينٽ ۽ ماڊل ڪالوني ۾ 10 هزار 200، محمد علي سوسائٽي ۾ 8200 رپيا قيمت رکي وئي آهي. لاڙڪاڻي ۾ رهائشي اوپن پلاٽ ڪيٽيگري هڪ جي في اسڪوائر گز قيمت 896 روپيا رهائشي تيار پلاٽ جي في گز تي 1344 روپيا، ڪمرشل اوپن پلاٽ 3360 روپيا، ڪمرشل تيار پلاٽ تي 5040 روپيا اگھ مقرر ڪيو ويو آھي. گهوٽڪي ۾ ڪيٽيگري هڪ جي رهائشي پلاٽ جي في گز 560، رهائشي تيار پلاٽ جي في تي 840، ڪمرشل 2100، ڪمرشل تيار پلاٽ 3150 روپيا قميت مقرر ڪئي وئي آھي. حيدر آباد لاء ڪيٽيگري اي ون  جي اوپن پلاٽ جي قيمت 38500، ڪيٽيگري اي  جي پلاٽ جي 33000, ڪيٽيگري 2 جي پلاٽ جي 26400، ڪيٽيگري 3 جي پلاٽ جي 19800، ڪيٽگري 4 جي 13200 ڪيٽيگري 5 جي 8800، ڪٽيگري 6 لاءِ 6600، ڪيٽيگري 7 جي في اسڪوائر يارڊ جي  4400 روپيا قيمت مقرر ڪئي وئي آھي. ائين حيدرآباد ۾ تيار رهائشي پلاٽ جي في اسڪوائر يارڊ جي ستن ڪيٽيگرين جي ترتيب وار قيمت 40700، 34100، 27500, 20900, 14300، 9900, 7700, ۽ 5500 قيمت مقرر ڪئي وئي آھي جڏهن ته حيدرآباد لاء ڪمرشل تيار پلاٽ جي به ستن ڪيٽيگرين لاء  في اسڪوائر يارڊ جي ترتيب وار قيمت 88000, 77000, 55000, 38500, 27500, 13200, 9900, 6600 روپيا مقرر ڪئي وئي آھي

سکر ۾ رهائشي پلاٽ گهٽ ۾ گهٽ 1120 رپيا في چورس فٽ ملندو

اسلام آباد: سکر جي لاء رهائشي اوپن پلاٽ جي في چورس فٽ جي پهرين ڪيٽيگري جي قيمت 1120، ۽ پنجين ڪيٽگري جي پلاٽ جي فٽ جي قيمت 196 روپيا مقرر ڪئي وئي آھي. سکر ۾ ڪمرشل پلاٽ جي ڪيٽيگري هڪ جي فٽ جي قيمت 6300 روپيا ۽ پنجين ڪيٽگري جي قيمت 1680 روپيا مقرر ڪئي وئي آھي

ميرپورخاص ۾ قيمت 24600 کان 49500 رپيا

اسلام آباد: ميرپورخاص لاء اوپن رهائشي پلاٽ جي ڇهن ڪيٽيگرين جي قيمت 26400 کان 2750 روپين تائين ۽ ڪمرشل پلاٽ جي 49500 کان 3850 روپين تائين قيمت مقرر ڪئي وئي آھي