نجڪاري کانسواءِ ڪا واهه ناهي، سيڙپڪار هتان ڪمائي واپس هليا وڃن ٿا: ادب فيسٽول

0
16
نجڪاري کانسواءِ ڪا واهه ناهي، سيڙپڪار هتان ڪمائي واپس هليا وڃن ٿا: ادب فيسٽول
نجڪاري کانسواءِ ڪا واهه ناهي، سيڙپڪار هتان ڪمائي واپس هليا وڃن ٿا: ادب فيسٽول

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ناڻي  واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي وارن کي پيئڻ جو پاڻي ۽ لاھور وارن کي صاف ھوا نٿي ملي،  ڇا اھڙي صورتحال ۾ پاڪستان ترقي ڪري سگھي ٿو ؟ ڪالهه هتي ادب فيسٽول  کي خطاب ڪندي ھن چيو ته پاڪستان جي ڊفالٽ (ڏيوالو نڪرڻ) ٿيڻ واري ڳالهه چريائپ واري آھي، جيڪڏهن ملڪ ڊفالٽ  ٿيو ته سڀني کي ڀوڳڻو پوندو، موجوده طرز حڪمراني سان ملڪ ترقي نٿو ڪري سگھي، اسان وٽ ادارن کي خانگائڻ کانسواءِ ٻي ڪا واهه ناهي، ھن چيو ته مون آءِ ايم ايف ۾ نوڪري ڪئي آھي،  ملڪ جو خزاني وارو وزير به رھيو آھيان، منهنجي وفاداري نواز ليگ سان ضرور ھئي پر منهنجي ترجيح منهنجو ملڪ ھو ۽ آھي،  ھن چيو ته  ملڪ جي خزاني وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب صاف سٿرو ماڻهو آھي پر ھو جيڪي ڪم ڪرڻ  چاھي ٿو، اھو ڪري نٿو سگهي، هن چيو ته  ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار وڌي وئي آھي، گرمين ۾ بجلي جي گھرج 31-32 ھزار ميگاواٽ ھوندي آھي، جيڪا سياري ۾ گهٽجي 11 ھزار ميگاواٽ  ٿي ويندي، آءِ پي پيز جي ڪيپسٽي پيمينٽ  18 رپيا هجڻ ڪري بجلي جي في يونٽ جو ملهه 70 رپين کان وڌيڪ آھي، هن چيو ته اسان وٽ  ادارن جي نجڪاري کانسواءِ ٻيو ڪو به حل ناھي، پاڪستان ۾ هر پارٽي ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو بلند ڪري. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ هڪ ڊالر به نه پيو اچي، هتي  جيڪو اچي ٿو، اهو وڌيڪ ڪمائي هليو وڃي ٿو، فيسٽيول ۾ ٿيل مختلف سيشنن ۾ برک ليکڪا نورالھدي شاھه،  مھتاب اڪبر راشدي، سيف سميجو، سحر گل ڀٽي،  امينا سعيد  ۽ ٻين پڻ ويچار ونڊيا.