بجلي چوري روڪڻ لاءِ پوليس کي اختيار ظلم قرار: 1.8 کرب رهتون، پاور ڊويزن وصولي کان لاچار

0
46
بجلي چوري روڪڻ لاءِ پوليس کي اختيار ظلم قرار: 1.8 کرب رهتون، پاور ڊويزن وصولي کان لاچار
بجلي چوري روڪڻ لاءِ پوليس کي اختيار ظلم قرار: 1.8 کرب رهتون، پاور ڊويزن وصولي کان لاچار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي گهرو مامرن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال خراب هجڻ تي ميمبرن جي سخت سوالن تي آء جي اسلام آباد ۽ ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ  ٿي پئي، ميمبرن پاران اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال ۽ پاسپورٽن جي وڏي تعداد ۾ التوا تي ڳڻتي ظاهر  ڪئي وئي. ان ڏس ۾ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين راجا خرم نواز جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. رابطا ڪميٽي جي سمورن ميمبرن بجلي چوري جي معاملي ۾ پوليس کي اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي. پاور ڊويزن چيو ته بجلي چوري کي روڪڻ تمام ضروري آهي. هن وقت 1.8 ٽريلين وصول ڪرڻا آهن، جيڪو اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي. ميمبر زرتاج گل چيو ته منهنجي علائقي ۾ بجلي چيڪ ڪرڻ جي آڙ ۾ ماڻهن تي حملا ڪيا وڃن ٿا. بجلي چوري جي ڪيسن ۾ پوليس جو دائرو اختيار نه هئڻ گهرجي. نبيل گبول چيو ته ڪراچي ۾ رڳو بلڊنگ جي واٽر آپريٽر کي گرفتار ڪيو ويو. هو ٽن مهينن بعد جيل ۾ ئي مري ويو. هي هڪ وڏو ظلم آهي. ان کان اڳ به مينهون چوري ٿيڻ جا ڪيس داخل ٿيندا هئا. هاڻي بجلي چوري جا ڪيس داخل ٿي رهيا آهن.  قانون واري وارت چيو ته پوليس ڊسڪوز جي آفيسرن جي درخواست تي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. پوليس ڊسڪوز جي آفيسر سان گڌجي ڪارروائي ڪندي. صاحبزاده حامد رضا چيو ته پنجاب ۾ 9 ايم اين ايز خلاف بجلي چوري جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. طارق فضل چوڌري چيو ته ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڪو به بل ادا نه ڪيو ويو آهي. پاور ڊويزن چيو ته جيستائين اختيار نٿا ملن تيستائين وصولي نٿي ٿي سگهي. ايڊيشنل سيڪريٽري پاور ڊويزن چيو ته اسان وٽ انفورسمينٽ جو نظام لاڳو ناهي. ڪميٽي چيئرمين چيو ته توهان هيٺين طبقي جي ماڻهن کي گرفتار ڪريو ٿا پر ڪنهن وڏي ماڻهو کي گرفتار ناهيو ڪندا. ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته بجلي چوري ۾ ڊسڪوز جا ملازم به ملوث آهن، اسان 786 ملازمن کي  بجلي چوري تي چارج شيٽ ڪئي آهي. انهن سمورن ملازمن کي جلد برطرف ڪيو ويندو. اوهان هي بل پاس ڪريو. ڪميٽي  جي چيئرمين چيو ته اسان اهڙو بل پاس نٿا ڪري سگهون. جنهن بعد ڪميٽي سيڪريٽري پاور ڊويزن کي اڄ طلب ڪري ورتو.  گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڊي جي اميگريشن اينڊ پاسپورٽ ڪميٽي ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پڇيو ويو ته پاسپورٽ ڇو التوا ۾ آهن؟ 20 سال پراڻيون مشينون ۽ 30 سال پراڻو سافٽ ويئر هلي رهيو هو. قادر پٽيل چيو ته منهنجو خيال آهي ته ڊي جي پاسپورٽ خلاف ڪا سازش ٿي رهي آهي، توهان جي پهچندي ئي هي بيڳ لاڪ ڇا ظاهر ٿيو؟ مشينري جي خريداري لاءِ ادارا پيپرا رولز ۾ ڦاٿل رهندا آهن، مشين جي خريداري جي لاڳت جي حوالي سان به آگاهه ڪريو.  زرتاج گل چيو ته پاڪستان جو پاسپورٽ ليبيا ۽ بنگلاديش مان به هيٺ وڃي چڪو آهي. هن سال سڀ کان وڌيڪ شرمناڪ صورتحال پاسپورٽ آفيسن ٻاهران پيش آئي، ايم اين اي آهيان، عدالتي  حڪم باوجود اسان جا پاسپورٽ ڇو نه جاري ڪيا پيا وڃن؟ اوهان کي ڪنهن روڪيو آهي؟ ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن ريپسٽ، ڌاڙيل، گينگ ليڊر جو پاسپورٽ بلاڪ ڪيو آهي؟ اسان کي به لسٽ ڏيو، ايم اين ايز جا پاسپورٽ بلاڪ ڪندا آهيو، ڪڏهن ڌاڙيلن کي به بلاڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي؟  نبيل گبول چيو ته منهنجي لاءِ شرم جي ڳالهه آهي ته اسيمبلي ميمبرن کي به پاسپورٽ نه ملي رهيا آهن، سڀاڻي تائين پاسپورٽ جاري ڪيا وڃن. چيئرمين ڪميٽي چيو ته ايندڙ اجلاس تائين اسان جي ميمبرن کي بليو پاسپورٽ جاري ڪيا وڃن.  اجلاس ۾ ڊي جي پاسپورٽ پاران 15 ڊسمبر تائين سڄي ملڪ ۾ پاسپورٽ جو بيڳ لاڪ ختم ڪرڻ جي ڪميٽيءَ کي خاطري ڪرائي.