سنڌ جي 18ضلعن ۾ ننڍي مڪاني چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت ختم: ووٽن جي ڳڻپ جاري

0
18
سنڌ جي 18ضلعن ۾ ننڍي مڪاني چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت ختم: ووٽن جي ڳڻپ جاري
سنڌ جي 18ضلعن ۾ ننڍي مڪاني چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت ختم: ووٽن جي ڳڻپ جاري

سنڌ جي 18ضلعن ۾ ننڍي مڪاني چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ جاري، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو به سلسلو شروع، ڪراچي ۾ چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ جنرل ميمبر وارڊ جي 10 سيٽس تي 68 اميدوار ميدان ۾ لٿل، ملير ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي يوسي بختاور جي چيئرمين جي سيٽ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل جي يوسي شيرپائو جي وارڊ نمبر 7 تي پولنگ ٿي، حيدرآباد جي يو سي 125 ۽ 140 ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ ووٽنگ مڪمل ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ جاري، يو سي 51 ۾ وائيس چيئرمين ۽ يو سي 46 ۾ وارڊ نمبر هڪ تي ڳڻپ جاري، سکر جي يونين ڪميٽي 6 ۾ وائيس چيئرمين ۽ يوسي روهڙي ۾ چيئرمين جي چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ڳڻپ جاري، سڪرنڊ جي تڪ 4 ۾ وائيس چيئرمين ۽ وارڊ نمبر 2 ۾ جنرل ڪونسلر جي چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ڳڻپ جاري، گهوٽڪي ۾ اوٻاوڙو جي يوسي ڪمون شهيد ۾ چيئرمين لاءِ پولنگ جاري رهي، رتوديرو جي وارڊ نمبر 2 ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي يوسي لاکا ۾ جنرل ڪونسلر جي سيٽ تي به پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ڳڻپ جاري، جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 6 تي جنرل ڪونسلر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جاري رهي، شڪارپور ضلعي ۾ يو سي 5 تي چيئرمين لاءِ پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد ڳڻپ جاري، نوشهروفيروز جي يوسي نيو آباد ۾ به چيئرمين جي سيٽ لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ڳڻپ جو سلسلو جاري، سنگرار ۾ يوسي چيئرمين جي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهيو، ڳڻپ جاري، بلڙي شاهه ڪريم جي يوسي سعيد خان ۾ ضلع ڪائونسل جي سيٽ تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ڳڻپ جاري، مٽياري جي وارڊ نمبر 7 ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ڳڻپ جاري