حيدرآباد ۾ پوليو ڦڙا نه پياريندڙن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو اعلان

0
34
حيدرآباد ۾ پوليو ڦڙا نه پياريندڙن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو اعلان
حيدرآباد ۾ پوليو ڦڙا نه پياريندڙن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊپٽي ڪمشنر  حيدرآباد زين العابدين ميمڻ چيو آهي ته جيڪي والدين پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪاري آهن انهن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ موبائل سمون بلاڪ ڪري سگهجن ٿيون

پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پوليو وائرس کان تحفظ جو واحد حل پنجن سالن تائين جي ڄمار وارن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ آهي، ڇاڪاڻ ته حيدرآباد ۾ وائرس هاڻي ريزيڊنٽ وائرس جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي

هن چيو ته حيدرآباد ۾ 29 مهينن جي ٻارڙي ۾ پوليو وائرس پازيٽو آيو آهي جيڪو ماحولياتي سيمپل کان 99 سيڪڙو مشاهبت رکي ٿو جڏهن ته متاثر ٿيل ٻارڙي پوليو کان بچاءُ جا متواتر ڊوز به پي چڪي هئي

هن چيو ته ٻارڙي طبيعت خراب ٿيڻ سبب 8 ڏينهن کان سول اسپتال حيدرآباد ۾ علاج هيٺ هئي جتي ڊاڪٽرن کي شڪ پوڻ تي ٻارڙي جا سيمپل ٽيسٽ لاءِ اسلام آباد اماڻيا ويا

هن چيو ته جنهن علائقي ۾ پوليو جو ڪيس سامهون آيو اتي جي ويجهو 5 يونين ڪائونسلن ۾ انڪاري ڪيسن کي فوري طور تي چيڪ ڪيو پيو وڃي.