پوليس ڀرتي: 40 مارڪون کڻندڙ پاس قرار، 25 هزار سيٽن تي 54 هزار اميدوار ڪامياب

0
410
پوليس ڀرتي: 40 مارڪون کڻندڙ پاس قرار، 25 هزار سيٽن تي 54 هزار اميدوار ڪامياب
پوليس ڀرتي: 40 مارڪون کڻندڙ پاس قرار، 25 هزار سيٽن تي 54 هزار اميدوار ڪامياب

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ پوليس ۾ 25 هزار اهلڪارن جي ڀرتي وارو معاملو، آءِ آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس پاران لکت واري ٽيسٽ جو نتيجو پڌرو ڪيو ويو، 40 مارڪن تي پاس قرار، سنڌ پوليس ۾ ڪانسٽيبل جي 25 هزار سيٽن تي لڳ ڀڳ 54 هزار اميدوار ڪامياب، سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروسز پوليس ڪانسٽيبل بي پي ايس 07 جي لکت واري امتحان جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا، ٽيسٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 40 مارڪون کڻندڙ اميدوار کي پاس قرار ڏنو ويو، ترجمان موجب نتيجا اميدوارن جي لاڳاپيل پورٽل ۽ ايس ٽي ايس جي ويب سائيٽ تي رکيا ويا آهن، پوليس ڪانسٽيبل جي لکت وارو امتحان 7- 8 سيپٽمبر 2024 تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد ۾ ورتو ويو، نتيجا ميرٽ تحت ترتيب سان شايع ڪيا ويا آهن، ڪامياب اميدوارن جو نتيجو، جن پاسنگ مارڪون حاصل ڪيون گڏوگڏ سڀني اميدوارن جو مڪمل نتيجو (ٽاپ ٽو باٽم) پڻ اپلوڊ ڪيو ويو آھي، ترجمان موجب سنڌ پوليس پاران اميدوارن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ پاسنگ اسڪور 40 مارڪون مقرر ڪيو ويو آھي، ان کانسواءِ اميدوارن کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته ڪنھن به سوال جي صورت ۾ ھو نتيجن جي اعلان جي تاريخ کان 15 ڏينهن اندر ايس ٽي ايس آن لائن پورٽل يا اي ميل ذريعي جمع ڪرائي سگهن ٿا، جڏھن ته ڏنل آخري تاريخ کان پوءِ شڪايتون نه ٻڌيون وينديون، 1148 پيجن تي مشتمل 40 يا اِن کان وڌيڪ مارڪون کڻي پاس ٿيندڙ اميدوارن جي نتيجن موجب 53 هزار 921 اميدوار پوليس ڪانسٽيبل جي لکت واري ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيا آهن

جيڪب آباد واسي گوءِ کڻي ويو: 50 ڄڻن هڪ به مارڪ نه کنئي

سکر: نتيجن موجب جيڪب آباد جي رهواسي اميدوار اسد الله 100 مان 100 مارڪون ڪاميابي ماڻي آهي، جڏهن ته شهيد بينظير آباد واسي مشتاق علي، علي حيدر 99، ٽنڊو محمد خان واسي اشفاق احمد، ڪشمور واسي محمد علي ۽ دادو واسي نظام الدين 99، 99 مارڪون کڻي پاس ٿيا، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ اهڙن اميدوارن به ٽيسٽ ڏني جن 100 مان هڪ به مارڪ حاصل نه ڪئي

پوليس ڀرتي لاءِ فزيڪل ۽ لکت واري ٽيسٽ مڪمل ٿي وئي

سکر: پوليس ۾ ڀرتي لاءِ پهرين مرحلي ۾ فزيڪل ٽيسٽ، ٻئي مرحلي ۾ لکت واري ٽيسٽ مڪمل ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ انٽرويوز جي تاريخ ڏني ويندي، اِن ڏس ۾ ذريعن موجب پوليس ۾ ڀرتي لاءِ لکت واري ٽيسٽ ۾ 40 مارڪن تي اميدوار کي پاس قرار ڏنو ويو آهي، پوليس کاتي ۾ 25 هزار آسامين جو اعلان ڪيو ويو هو، جيڪڏهن انهن تي ئي ڀرتي ڪئي وئي ته پاسنگ مارڪس ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو

25 هزار جاين لاءِ 2 لک اميدوارن فارم ڀريا، 75 هزارپاس ٿيا

سکر: سنڌ پوليس ۾ عورت ۽ مرد اهلڪارن جي 25 هزار جاين لاءِ 2 لکن کان وڌيڪ اميدوارن فارم ڀرايا، جن مان صرف 75 هزارن کان وڌيڪ اميدوار فزيڪل ٽيسٽ ۾ پاس ٿي سگهيا، لکت واري ٽيسٽ جو نتيجو آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيو ويو آهي، انتظاميا نتيجو جوڙڻ کانپوءِ ٻڌائي سگهندي ته ڪيترا اميدوار لکت واري ٽيسٽ ۾ پاس ٿيا آهن ۽ ڪيترا فيل ٿيا، جنهن بعد پاس اميدوارن  کان پوليس ڊپارٽمينٽ پاران انٽرويوز ورتا ويندا