اڪري چودڳي ويجهو کنياري ۾ پوليس پڪٽ تي حملي جو اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ ۽ سندس پٽ ارسلان ٻانڀڻ ۽ يوسي خوش خيرمحمد جي وائيس چيئرمين سميت 79 ڄڻن تي ڪيس داخل، ايس ايڇ او اڪري چودڳي جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ ۽ سندس پٽ ارسلان ٻانڀڻ جي چرچ تي هٿياربندن حملو ڪري ٻن اهلڪارن کي زخمي ڪيو، ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ ۽ سندس پٽ ارسلان فون تي ڌمڪائيندي چيو ته پڪٽ ختم ڪريو، ٻي صورت ۾ نقصان ٿيندو، منور ٻانڀڻ سڌي فائرنگ ڪري اهلڪار خان محمد خاصخيلي کي زخمي ڪيو، پٿراءَ سبب خادم عامر زخمي ٿي پيو