ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عمرڪوٽ ۾ جعلي پوليس مقابلي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي قتل ڪندڙ پوليس آفيسرن ۽ ٻين جوابدارن جي پرڏيهه فرار ٿيڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت سندن نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو ويندو
سنڌ حڪومت جي ذريعن موجب اڳوڻو ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي، اڳوڻو ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ، اڳوڻو ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري، اڳوڻو سي آءِ اي ميرپورخاص جي انچارج انسپيڪٽر عنايت زرداري، سب انسپيڪٽر ھدايت الله ناريجو، سپاھي نادر پرويز، غلام قادر، سپاھي فرمان علي، سنڌڙي جي اڳوڻي ايس ايچ او انسپيڪٽر نياز کوسو، سپاھي لکمير، محمد صديق ۽ الھه جڙيو، ايس ايس پي عمرڪوٽ جي ريڊر سب انسپيڪٽر عبدالستار سمون، سپاھي نواب سميجو، امان الله، نديم کوسو، شاھ محمد، عرفان شاھاڻي، مشتاق علي ۽ عطا حسين ڊاڪٽر شاھنواز جي لاش جي ڪفن دفن ۾ رڪاوٽون وجھندڙ ۽ سندس لاش کي ساڙيندڙ پير عمر جان سرهندي سميت عمرڪوٽ جي 19 سڃاتلن کي پرڏيهه فرار ٿيڻ کان روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حڪومتي ذريعن موجب ان سلسلي ۾ گهرومعاملن واري وفاقي وزارت سان رابطو ڪيو ويندو ته جيئن جوابدارن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ٿي سگهن
ڊاڪٽر شاھنواز قتل جي جاچ ڊي ايس پي رينڪ جي آفيسر حوالي، ڪاميٽي ۾ 2 انسپيڪٽر شامل
عمرڪوٽ (رپورٽ: الياس ٿري) ڊي آءِ جي پوليس ڪرائيم ۽ انويسٽيگيشن سنڌ جي ھدايتن تي ڊي آءِ جي ميرپورخاص ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر واقعي جي سلسلي ۾ داخل ٿيل ڪيسز جي جاچ ۽ نگراني لاءِ پوليس جي ٽن آفيسرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، 27 سيپٽمبر تي ڊي آءِ جي ڪرائيم ۽ انويسٽيگيشن سنڌ جي ليٽر جي نتيجي ۾ ڊي آءِ جي ميرپورخاص ھڪ اھم ميٽنگ ڪوٺائي ٽن آفيسرن تي ٻڌل ھڪ ڪميٽي قائم ڪري ڊاڪٽر شاھنواز واقعي جي سلسلي ۾ داخل ڪيسن جي جاچ ۽ نگراني جا اختيار ڪميٽي حوالي ڪيا
ڪميٽي ۾ ڊي ايس پي پوليس ميرپورخاص اسلم جاگيراڻي، انسپيڪٽر پوليس شھيد بينظيرآباد محمد اقبال وساڻ ۽ انسپيڪٽر شھيد بينظيرآباد مقصود احمد چنا کي شامل ڪيو ويو، ڊي آءِ جي ميرپورخاص پاران 28 سيپٽمبر 2024 تي اھڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي جنھن ۾ اھو ڄاڻايو ويو ته ڪميٽي ۾ شامل ٽئي آفيسر ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي معاملي ۾ داخل ٿيل مختلف ڪيسن جي جاچ ۽ نگراني ڪندا، نوٽيفڪيشن بعد واقعي دوران عمرڪوٽ ۾ وڳوڙي شرپسندن پاران پوليس موبائيل کي باھ ڏئي ساڙيو ويو ھو جنھن جو ڪيس پڻ عمرڪوٽ ۾ داخل ڪيو ويو ھو ۽ جاچ ڇور ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور احمد شر حوالي ڪئي وئي ھئي اھا جاچ پڻ واپس وٺي جوڙيل جاچ ڪميٽي حوالي ڪئي وئي
ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس ۾ نامزد پوليس اهلڪارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا
ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي ڪيس ۾ نامزد پوليس جي اهلڪارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا ھنيا ويا، ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي ۽ ڊي ايس پي فضل الحق چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ ڊگھڙيءَ ۾ سپاھي نادر پرويز، کاڻ شھر ڀرسان سپاھي فرمان، ھيرآباد ۾ سپاھي غلام قادر، سنڌڙيءَ ۾ سپاھي لکمير، محمد صديق ۽ الله جڙيو جي گھرن تي ڇاپا ھنيا ويا پر ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي. پوليس ذريعن موجب اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، ٻن ايس ايس پيز اسد علي چوڌري، آصف رضا بلوچ، انسپيڪٽر عنايت علي زرداري، انسپيڪٽر نياز کوسو، ٻن سب انسپيڪٽرن دانش ڀٽي ۽ هدايت الله ناريجو جي به گرفتاري لاءِ ڇاپو ناھي ھنيو ويو، جڏهن ته سمورن گھربل آفيسرن توڙي سپاھي موبائل نمبر بند ڪري اڻڄاتل هنڌن ڏانهن روپوش ٿي ويا
ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل خلاف ٺٽي، ميرپوربٺوري ۽ راڄوخاناڻي ۾ مظاهرا
ٺٽو/ميرپوربٺورو/راڄوخاناڻي (نمائندن وٽان) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل خلاف ٺٽو، ميرپوربٺورو ۽ راڄوخاناڻي مظاهرا ڪيا ويا، ٺٽي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ ٺٽو پاران ضلعي صدر راول ڪرناڻي، فرھاد ميمڻ، ڪامريڊ دلاور شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، ٻئي پاسي ميرپوربٺوري ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي امام بخش خاصخيلي ۽ سيد زبير شاھ جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي
راڄوخاناڻي ۾ اسٽوڊنٽس ڪائونسل ۽ سول سوسائٽي پاران سفير نظاماڻي، بابر نظاماڻي، صمد نظاماڻي، ابوبڪر نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، اڳواڻن چيو ته ھڪ سازش تحت سيڪيولر سنڌ ۾ مذھبي انتھاپسندي پکيڙي پئي وڃي، ڊاڪٽر شاھنواز کي بيدردي سان قتل ڪري لاش جي بيحرمتي ڪئي آھي، واقعي ۾ ملوث ڊي آءِ جي، عمر جان سرھندي، ايس ايس پيز سميت سمورن ڪردارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي
عمرڪوٽ: مقتول ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش سڙڻ ۽ وڳوڙين کان بچائڻ جون ڪوششون ڪندڙ پريمون ڪولھي کي سڄي سنڌ توڙي ڏيھه ۽ پرڏيھه ۾ مڃتا ملڻ لڳي، ايڊوڪيٽ عبدالغفور جتوئي ھڪ لک رپين جو چيڪ مقتول شاھنواز جي تڏي تي ڳوٺ جانھيرو پھچي وارثن جي موجودگي ۾ پريمون ڪولھي حوالي ڪيو، ان موقعي تي ناميارو اديب ۽ دانشور منصور قادر جوڻيجو، ايڊووڪيٽ عبدالغفور سان گڏ جانھيرو پھتو، سعود مھيسر ۽ ٻين به تعزيت ڪئي، اڳواڻن چيو ته پريمون ڪولھي سنڌ ۾ بھادري جو رول ماڊل بڻجي ويو آھي جنھن کي سنڌ سدائين ياد رکندي
گستاخي وارو مواد سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ ۽ پوليس آفيسر تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مظاهرا
ڪنري/کورواھه/پنگريو (نمائندن وٽان) ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو قتل ڪيس مولوي عمر جان سرهندي، ڊي آئي جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي ۽ ٻين پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي داخل ٿيڻ خلاف ۽ سوشل ميڊيا تي گستاخي وارو مواد پکيڙڻ خلاف مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪري مظاهرا ڪيا ويا
ڪنري ۾ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو قتل ڪيس مولوي عمر جان سرهندي، ڊي آئي جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي ۽ ٻين پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي داخل ٿيڻ خلاف جماعت اهلسنت جي سڏ تي شھر جي مک آمريڪن چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو ويو، ريلي جي اڳواڻي ۾ حاجي وارث ڌاندل، پير اسد جان، فقير گل حسن خاصخيلي، مولوي امين راهمون، مولوي نور محمد ڪنڀار، مولانا شھزاد قادري، مولوي گل حسن راهمون، بابو عبدالصمد جويو ۽ ٻين ڪئي، ٻئي پاسي کورواھه ۾ سوشل ميڊيا تي گستاخي وارو مواد پکيڙڻ خلاف شٽربند ھڙتال ڪري پير احمد شاھه جيلاني، حافظ عباس علي شاھه، اعجاز مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، پنگريو ۾ واپارين شٽربند ھڙتال ڪري قاري باسط مولوي، مولوي خميسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، راڄوخاناڻي ۾ علماءُ ايڪشن ڪميٽي پاران حافظ آفتاب عالم جوڳي، مير غلام محمد ٽالپر، مولانا عاطف گجر، مولانا عبدالصمد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ماتلي _ تلھار مين روڊ جي سلطاني واھ واري پل تي ڌرڻو هنيو ويو
ايس پي عذير احمد مختلف ٿاڻن جا دورا ڪري ڊاڪٽر شاهنواز واقعي جا تفصيل ورتا
عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ نئين مقرر ٿيل ايس پي عزير احمد پاران مقرري بعد ڊاڪٽر شاھنواز واقعي بعد واري صورتحال جو مختلف رخن سان جائزو ورتو پيو وڃي، پوليس ذريعن موجب نئين مقرر ٿيل ايس پي عزير احمد مختلف ٿاڻن جا دورا ڪري تفصيل ۽ معلومات ورتي، جڏھن ته سرڪاري طور تي عمرڪوٽ پوليس پاران نئين مقرر ٿيل ايس پي جي سرگرمين بابت پوليس گروپ ۾ ڪا به پڌرائي ناھي ڪئي وئي