پي آءِ اي جي نيلامي: 6 مان 5 ڪمپنين حصو نه ورتو، رڳو هڪ واڪ، 85 ارب بدران 10 ارب ۾ خريدڻ جي خواهش

0
57
پي آءِ اي جي نيلامي: 6 مان 5 ڪمپنين حصو نه ورتو، رڳو هڪ واڪ، 85 ارب بدران 10 ارب ۾ خريدڻ جي خواهش
پي آءِ اي جي نيلامي: 6 مان 5 ڪمپنين حصو نه ورتو، رڳو هڪ واڪ، 85 ارب بدران 10 ارب ۾ خريدڻ جي خواهش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي آءِ اي کي خانگائڻ لاءِ بِڊنگ جي تقريب دوران اڪيلي بِدر جي واڪ تي انتظاميا جا مٿي تي هٿ اچي ويا، اسلام آباد ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ گهرايل واڪ کولڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي، بليو ورلڊ سٽي ڪنسورشيم ايئرلائين جي خريداري لاءِ واحد واڪ جمع ڪرايو، واڪ ڏيندڙ پي آءِ اي جي 60 سيڪڙو شيئر لاءِ رڳو 10 ارب جو واڪ ڏنو، جنهن تي تقريب ۾ ٽهڪڙا مچي ويا، انتظاميا واڪ ڏيندڙ کي نظرثاني لاءِ اڌ ڪلاڪ جو وقت ڏنو، پر واڪ ڏيندڙ ٻولي وڌائڻ کان انڪار ڪيو، ٻولي لڳائيندڙ بليو ورلڊ جي چيئرمين چوڌري سعيد نذير چيو ته پي آءِ اي لاءِ اعلانيل قيمت تمام گهڻي آهي، پي آءِ اي جي ذمي 200 ارب جون بقايائون آهن، 85 ارب ۾ ته نئين ايئرلائن ٺهي ويندي، حڪومت پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 85 ارب 30 لک رپيا مُلهه مقرر ڪيو هو. پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ٻولي جو عمل مڪمل ٿي ويو، ضابطي موجب نجڪاري ڪميشن پاران ٻولي جو معاملو وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويندو، واضح رهي ته پي آءِ اي جو قرض 8 کرب 25 ارب آهي، پي آءِ اي وٽ ڪل 33 جهاز، 16 آپريشنل آهن، بوئنگ 777 جهاز 12 آهن جن  مان 5 آپريشنل آهن، ايئربس 16 مان 10 آپريشنل آهن، اي ٽي آر 6 مان 1 آپريشنل آهي، ملازم 10323 آهن جن ۾ 6 ڊائريڪٽرز ۽ 37 جنرل مئنيجر آهن. خابرو اداري رائٽرز موجب ٽن گروپن جي عهديدارن ٻڌايو ته اسان ان ڪري واڪ ۾ شامل نه ٿياسين جو اسان کي مستقبل ۾ حڪومت جي ان معاهدي تي پورو لهڻ جي صلاحيت تي خدشا آهن.

پلاٽ وٺو، پي آءِ اي ڏيو: ڪمپني جي آڇ

اسلام آباد (م ڊ) پي آءِ اي جي ٻولي لاءِ 6 ڪمپنيون شارٽ لسٽ ڪيون ويون هيون جن مان 5 نه آيون، هڪ جي چونڊ ڪئي وئي جنهن 10 ارب ٻولي لڳائي، نجي ٽي وي چينل جيو نيوز تي ڳالهائيندي ايوي ايشن جرنلسٽ طاهر عمران، اسرار خان، اشرف ملخم چيو ته ٻولي لڳائيندڙ ڪمپني چيو ته پلاٽ ايڊجسٽ ڪندا؟ پلاٽن جي بدلي سيڙپڪاري ڪري ڪمپني پي آءِ اي خريد ڪري رهي هئي، هنن چيو ته 5 ٻين ڪمپنين ٻولي ۾ حصو ان ڪري نه ورتو ته اهي 100 سيڪڙو اونرشپ چاهين پيون، 100 سيڪڙو شيئرز جي گهر ڪئي، يورپ ۽ آمريڪا لاءِ اڏامن جو معاملو به اٿاريو، هڪ بڊر ڏيڍ مهينو اڳ ئي پوئتي ٿي ويو هو، هنن ٻڌايو ته حڪومت نيلامي لاءِ  22 ملين ڊالر خرچ ڪري چڪي آهي، اها رقم ڪنسلٽنٽس کي ڏني وئي ته بڊر کي وٺي اچو، اهڙي ريت مشهوري مهم لاءِ به رقم خرچ ڪئي وئي

پي آءِ اي ملازم 18 مهينا برقرار، پوءِ نيڪالي ٿيندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نجڪاري ڪميشن جي ذريعن موجب بليو ورلڊ سٽي ڪنسورشيم معاهدي جون اهم ڳالهيون سامهون آيون آهن جنهن تحت پي آءِ اي ملازمن کي 18 مهينن تائين ملازمتن تي رکيو ويندو. 18 مهينن کان پوءِ اٽڪل 70 سيڪڙو ملازمن کي ٻيهر نوڪري جا ليٽر جاري ڪيا ويندا. ذريعن موجب سيڙپڪار ڪمپني پنجن سالن ۾ 30 ڪروڙ ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪندي، پي آءِ اي فلائيٽس جو انگ 45 تائين وڌايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته معاهدي موجب پي آءِ اي سمورن رستن تي پنهنجي سروسز بحال ڪندي

ٻولي جي منظوري جو اعلان نه ٿيو: رولز ۾ ترميم ڪئي وئي: ذريعا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ذريعن موجب سنگل بڊرز سان ٻولي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ رولز ۾ ترميم به ڪئي وئي آهي. پي آءِ اي جي بڊنگ جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ڪابينا جي نجڪاري ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻولي جو جائزو ورتو ويو. نائب وزير اعظم وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي صدارت ڪئي. ذريعن موجب طئي ٿيل رقم گهٽ ٻولي سبب ٻولي جي منظوري جو اعلان ناهي ٿيو. ڪميشن کي ٻولي وصول ٿيڻ بعد ايندڙ اجلاس ۾ ان تي حتمي فيصلو ڪرڻو آهي

پي آءِ اي 87ع کان صرف 2006-07ع ۾ منافعو ڪمايو

اسلام آباد (م ڊ) پي آءِ اي مسلسل خساري ۾ هلندڙ آهي، 1987ع کان هيل تائين صرف مالي سال 2006-2007ع ۾ منافعو ڪمايو، ڪا به حڪومت پي آءِ اي کي بهتر نه ڪري سگهي