پشاور هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي 27 ڪيسن ۾ 23 ڊسمبر تائين راهداري ضمانت منظور ڪري ورتي

0
28
پشاور هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي 27 ڪيسن ۾ 23 ڊسمبر تائين راهداري ضمانت منظور ڪري ورتي
پشاور هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي 27 ڪيسن ۾ 23 ڊسمبر تائين راهداري ضمانت منظور ڪري ورتي

پشاور هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي 27 ڪيسن ۾ 23 ڊسمبر تائين راهداري ضمانت منظور ڪري ورتي، پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس وقار احمد بشريٰ بي بي جي راهداري ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي هلائي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته بشريٰ بي بي لاڳاپيل عدالتن آڏو پيش ٿيندي، ٿورو وقت ڏنو وڃي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته بشريٰ بي بي کي پابند ڪيو وڃي ته عدالت آڏو پيش ٿئي، جسٽس وقار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته بشريٰ بي بي کي راهداري ضمانت ان لاءِ ڏئي رهيا آهيون ته جيئن هو لاڳاپيل عدالتن آڏو پيش ٿئي، گهڻو وقت ان ڪري نه ڏئي رهيا آهيون ته سياري جون موڪلون اچڻ واريون آهن، عدالت بشريٰ بي بي جي 27 ڪيسن ۾ 23 ڊسمبر تائين راهداري ضمانت ڏئي ڇڏي.