مستقل ميمبرشپ تڪراري مسئلو: پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ نئين سيٽن جي مخالفت ڪري ڇڏي

0
60
مستقل ميمبرشپ تڪراري مسئلو: پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ نئين سيٽن جي مخالفت ڪري ڇڏي
مستقل ميمبرشپ تڪراري مسئلو: پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ نئين سيٽن جي مخالفت ڪري ڇڏي

جنيوا / نيويارڪ (م ڊ)  پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ نئين مستقل سيٽن جي مخالفت ڪندي سلامتي ڪونسل ۾ سڌارن جو مطالبو ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته سلامتي ڪونسل عالمي امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن کي موثر جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي جنهن جو وڏو سبب مستقل ميمبرن جي فيصلائتن قدمن تي متفق نه هئڻ آهي. منير اڪرم جو وڌيڪ چوڻ هو ته نئين مستقل ميمبرن جو اضافو سلامتي ڪونسل ۾ مفلوج حالت کي وڌيڪ اثرائتو ڪندو. هن چيو ته نئين مستقل ميمبرن جو اضافو مسئلي جو حل ناهي، پر مسئلي جو حصو آهي، مستقل ميمبرشپ گڏيل قومن جي قيام سان ئي هڪ تڪراري مسئلو رهيو آهي.