ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ نامزد مولوي پير عمر جان سرهندي ميرپورخاص جي عدالت ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
عمر جان سرهندي سوين ماڻهن جي قافلي سان گڏ عدالت پهچي ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي، عمر جان سرهندي بايو ميٽرڪ تصديق ڪرائڻ ۽ وڪالتنامي تي صحيح ڪرڻ بعد درخواست تي فيصلو اچڻ کان اڳ ئي عدالت مان نڪري ويو
عدالتي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر جان سرهندي چيو ته ماڻهن کي ڀڙڪائڻ وارا الزام غلط آهن، اسان رڳو ڊاڪٽر شاهنواز تي ڪيس داخل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو
هن چيو ته ميرپورخاص پوليس جيڪو ڪجهه ڪيو ان جو جواب ميرپورخاص جي پوليس کي ڏيڻو آهي، اميد آهي ته عدالت انصاف ڪندي