علائقائي سلامتي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت سان رابطي ۾ آهيون: آمريڪا

0
26
پاڪستاني عوام دهشتگردن هٿان وڏو نقصان ڀوڳيو آهي، پرتشدد ڪارروائين جي مخالفت ڪيون ٿا: آمريڪا
پاڪستاني عوام دهشتگردن هٿان وڏو نقصان ڀوڳيو آهي، پرتشدد ڪارروائين جي مخالفت ڪيون ٿا: آمريڪا

آمريڪي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستاني عوام دهشتگردن هٿان وڏو نقصان ڀوڳيو آهي، علائقائي سلامتي کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ اسان جا گڏيل مفاد آهن، علائقائي سلامتي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت سان رابطي ۾ آهيون

 آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر هفتيوار پريس بريفنگ دوران وڌيڪ چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي جي ڪوششن بابت پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي

9 مئي جي احتجاج بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ميٿيو ملر چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به ائين نه ٿيڻ گهرجي، اسان جائز اظهار جي آزاديءَ جي حمايت ڪيون ٿا جنهن ۾ پرامن احتجاج جو حق به شامل آهي، اسان پرتشدد ڪارروائين جي مخالفت ڪيون ٿا

هن چيو ته اسان ڀڃ ڊاهه، ڦرلٽ ۽ باهه لڳائڻ وارن قدمن جي مخالفت ڪيون ٿا، سمورا مظاهرا پرامن ٿيڻ گهرجن، حڪومتن کي انهن کي قانون جي حڪمراني ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي احترام مطابق منهن ڏيڻ گهرجي