پاڪستان جي ارشد نديم پئرس اولمپڪس جي جيولن ٿرو مقابلن ۾ نئون ريڪارڊ قائم ڪندي گولڊ ميڊل کٽي ورتو

0
51

 پاڪستان 32 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو اولمپڪس ۾ پهريون گولڊ ميڊل ماڻي ورتو، ارشد نديم مينز جيولين ٿرو ايونٽ ۾ 92.97 ميٽرز جي فاصلي تائين نيزو اڇلائي 2008 جو اولمپڪ ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

 ارشد نديم جي ڪيريئر جي اها سڀ کان وڏي ۽ دنيا ۾ هيل تائين اڇلايل سڀ کان وڏي ڇهين جيولن ٿرو هئي، ارشد نديم 2022 ۾ برمنگهم ۾ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ به 90 ڏهائي 18 ميٽرز جي فاصلي تائين نيزو اڇلائي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو هو

 جيولن جي فائينل مقابلي ۾ ارشد نديم جي پراڻي حريف ۽ ڀارت جي دفاعي چيمپئن نيرج چوپڙا 89 ڏهائي 45 ميٽرز تائين نيزو اڇلائي چانديءَ جو ميڊل حاصل ڪيو

 گرينيڊا جي اينڊرسن پيٽرسن ٽيون نمبر ماڻيو، پاڪستان اولمپڪ گيمز ۾ آخري ڀيرو گولڊ ميڊل 32 سال اڳ 1984 ۾ لاس اينجلس اولمپڪس ۾هاڪي جي مقابلن ۾ ماڻيو هو