پاڪستان حڪومت آءِ ايم ايف کي راضي ڪري ورتو، 25 سيپٽمبر تي منظوري جو امڪان

0
32
پاڪستان لاءِ اڄ آءِ ايم ايف پاران 7 ارب ڊالرز قرض جي منظوريءَ جا امڪان
پاڪستان لاءِ اڄ آءِ ايم ايف پاران 7 ارب ڊالرز قرض جي منظوريءَ جا امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان حڪومت آءِ ايم ايف کي راضي ڪري ورتو، ايگزيڪيوٽو بورڊ پاران 25 سيپٽمبر تي نئين قرض پروگرام جي منظوري ڏيڻ جا امڪان آهن

عالمي مالياتي اداري جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن پاران پاڪستاني سرڪار جي قدمن جي تائيد ڪئي وئي، ايگزيڪيوٽو بورڊ جي ايندڙ اجلاس جي ايجنڊا ۾ پاڪستان جي قرض پروگرام جي منظوري کي شامل ڪيو ويو

جوليا ڪوزيڪ چيو آهي ته 25 سيپٽمبر تي اجلاس ۾ پاڪستان جي نئين قرض پروگرام جي منظوري ڏئي سگهجي ٿي، پاڪستان سان 7 ارب ڊالرز جي نئين قرض پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدو جولاءِ ۾ ٿيو هو

پاڪستان 9 مهينن جو اسٽينڊ باءِ معاهدو گذريل سال ڪاميابي سان پورو ڪيو هو، پاڪستان 37 مهينن جي قرض پروگرام لاءِ شرطن تي عمل ڪري رهيو آهي

ناڻي وزير چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن، معيشت استحڪام بعد ترقي ڏانهن وڌي رهي آهي

اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف قرض لاءِ سموريون مالي خاطريون حاصل ڪري ورتيون، هاڻي آءِ ايم ايف قرض پروگرام آڏو ڪي به رنڊڪون نه رهيون

آءِ ايم ايف جي اجلاس ۾ پاڪستان پنهنجو موقف پيش ڪندو، پاڪستان کي هلندڙ مالي سال 26 ڏهائي 20 ارب ڊالرز ادا ڪرڻا آهن، مالي سال جي ادائگين ۾ 16 ڏهائي 3 ارب ڊالرز رول اووَر ٿيندا

جولاءِ کان سيپٽمبر تائين 4 ارب رپيا سيٽل ڪري چڪا آهيون. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان ملڪي معيشت کي فائدو ٿيندو، وياج جي شرح سنگل ڊِجِٽ تي اچي ته معيشت کي چار چنڊ لڳي ويندا

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون سٺي نموني اڳتي وڌي رهيون آهن، دوست ملڪن ڀرپور ساٿ ڏنو، جِن دوستن گذريل ڀيري مدد ڪئي، اُنهن هن دفعي به ساٿ ڏنو، اسان کي قرضن مان جان ڇڏائي پاڻڀرو ٿيڻو پوندو، اسان نيوڪليئر طاقت آهيون، روزانو قرضن جي درخواست ڏينداسين ته اهميت گهٽجي ويندي