اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ ريلوي، ڪسٽم، ايئرپورٽ انفراسٽرڪچر ۽ شپنگ سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار جي 4 معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. جمعي ڏينهن وزير اعظم هائوس ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيح جي لاءِ تقريب ٿي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر شيخ، وزير اعظم جي معاون خصوصي طارق فاطمي، جڏهن ته يو اي اي جو پرڏيهي واپار وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزويدي، ڪاهيل گروپ جو چيئرمين احمد دلموڪ المڪتوم، ابوظهبي پورٽس گروپ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪيپٽن محمد الشميسي، پاڪستان ۾ متحده عرب امارات جو سفير عبيد ابراهيم سالم الزابي ۽ ابوظهبي پورٽس جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ڪوهاٽ، ٿر، ڪراچي ريلوي لائين جي تعمير جي لاءِ پاڪستان ريلويز ۽ ابوظهبي پورٽس ڪممپني وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيون ڪيون ويون. پاڪستان ڪسٽمز جي آمدني، ٽرانزٽ ڪارگو ٽريڪنگ ۽ ٻين سڌارن لاءِ ايف بي آر ۽ ابو ظهبي پورٽس ڪمپني وچ ۾ مفاهمتي ياداشت به صحيح ڪئي وئي. پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ شپنگ، ڊريجنگ ۽ ٻين بحري معاملن ۾ تعاون بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيح ڪئي وئي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ پاڪستان ۾ ايئرپورٽس جي تعمير ۽ توسيع لاءِ مفاهمت جي ياداشت به صحيح ڪئي وئي