“پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪريو”: باڊهه ۾ آبادگارن جو احتجاج

0
17
“پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪريو”: باڊهه ۾ آبادگارن جو احتجاج
“پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪريو”: باڊهه ۾ آبادگارن جو احتجاج

باڊھه (ن پ ا) رائيس ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ مختلف شاخن واهن ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف باڊھه ۽ ڀرپاسي جي هارين ۽ آبادگارن درگاھه چوڪ تي ميهر جوڻيجو، ساجد جوڻيجو، علي بخش کوکر، ياسين مشوري،مختيار ڏيرو، صدام جوڻيجو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته هڪ طرف سنڌ ۾ برساتن کانپوءِ لاڙ پٽ ٻڏي ويو آھي ته ٻئي طرف آبپاشي کاتي سکر بئراج مان نڪرندڙ مختلف واهن سميت رائيس ڪئنال جو پاڻي بند ڪري اتر  سنڌ ۾ ساريالي فصل کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب هارين آبادگارن جو مالي نقصان ٿي رهيو آھي، هنن چيو ته برسات مڪمل طور بند ٿي وئي آھي، ان جي باوجود به رائيس ڪئنال توڙي ان مان نڪرندڙ مختلف شاخن بٺ شاخ، موندر شاخ، پنيهڙ شاخ ، سيهڙ شاخ ۽ ٻين شاخن جو پاڻي بند آھي، جنهن سبب ساريالو فصل سڪي رهيو آھي، جڏھن ته آبپاشي کاتي جا ڪرپٽ آفيسر، بيلدار ۽  ٽنڊيلن پاڻي ڏيڻ عيوض رشوت گهري رهيا آھن، هنن وزيراعليٰ سنڌ، آبپاشي کاتي جي وزير  کان مطالبو ڪيو آھي ته جلد رائيس ڪينال سميت مختلف شاخن، واهن ۾ زرعي پاڻي ڏئي ڪرپٽ ڪامورن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري ساريالي فصل کي بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.