اسلام آباد (بيورو رپورٽ) 26هين آئيني ترميم جي مخالفت ڪندڙ پي ٽي آءِ سڀ کان پهرين ترميم مان فائدو وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ پهچي وئي
انٽرا پارٽي چونڊن بابت نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي دوران بئريسٽر علي ظفر 26هين آئيني ترميم جو حوالو ڏيندي چيو ته هاڻي هي بينچ ڪيس ٻڌي نٿي سگهي
چيف جسٽس چيو ته اسان کي ڪنهن به ترميم جي خبر ناهي، اسان کي نه ٻڌايو ته ڇا ٻڌڻو آهي ۽ ڇا نه،سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن بابت فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست خارج ڪري ڇڏي
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني خصوصي بينچ ٻڌڻي هلائي، عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي وڪيلن ڪيس جي ميرٽس تي نه دليل ڏنا ۽ نه وري گذريل فيصلي ۾ ڪنهن غير قانوني نقطي جي نشاندهي ڪئي
ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي پي ٽي آءِ جو وڪيل حامد خان روسٽرم تي آيو ۽ لارجر بينچ جوڙڻ جي استدعا ڪئي، حامد خان موقف اختيار ڪيو ته ڪيس لارجر بينچ جي جوڙجڪ لاءِ ڪاميٽي ڏانهن اماڻيو وڃي
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هي نظرثاني جو معاملو آهي، اسان کي قانون کي ڏسڻو آهي، توهان لارجر بينچ جي پهرين استدعا ڇو نه ڪئي؟ حامد خان چيو ته عدالت سني اتحاد ڪائونسل ۽ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي فيصلي جو پيرگراف ڏسي، هيءَ بينچ ان 13 رڪني بينچ جو فيصلو مڃڻ جي پابند آهي
چيف جسٽس چيو ته اهو فيصلو اسان ڇو ڏسون؟ هي ٻيو معاملو آهي، توهان ڪيس هلائڻ چاهيو ٿا يا نه؟ حامد خان چيو ته هاڻي مان اهو چئي ٿو ڇڏيان جيڪو مان چوڻ نه پئي گهريو
چيف جسٽس چيو ته ٽي وي تي ڳالهائڻ بدران سامهون ڳالهائيندڙ کي مان پسند ڪندو آهيان، حامد خان چيو ته مان چاهيان ٿو اهو جج بينچ جي سربراهي نه ڪري جيڪو اسان جي خلاف تعصب رکندو هجي
چيف جسٽس چيو ته مان توهان کي دليل ڏيڻ لاءِ مجبور نه ٿو ڪري سگهان، ان موقعي تي بئرسٽر علي ظفر روسٽرم تي آيو ۽ 26 هين آئيني ترميم جو حوالو ڏيندي چيو ته هيءَ بينچ هاڻي اهو ڪيس ٻڌي نه ٿي سگهي
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان کي ڪنهن ترميم جي خبر نه آهي، اسان کي نه ٻڌايو ته اسان ڇا ڪجهه ٻڌي سگهون ٿا ۽ ڇا نه
چيف جسٽس جي انهن رمارڪس تي حامد خان ۽ علي ظفر روسٽرم تان پٺتي هٽي ويا، چيف جسٽس حڪمنامو لکرائڻ شروع ڪيو ته حامد خان چيو ته حڪمنامي ۾ منهنجو موقف به لکو ته مون دليل ڇو نه ڏنا
چيف جسٽس چيو ته اسان کي اهو نه ٻڌايو ته حڪمنامي ۾ ڇا لکڻو آهي ۽ ڇا نه لکڻو آهي، عدالت پي ٽي آءِ جي نظرثاني واري درخواست خارج ڪري ڇڏي