اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ويو
سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ 70 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جيڪو جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي پهرين مارچ واري فيصلي جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي، اليڪشن ڪميشن جو پهرين مارچ جو فيصلو آئين سان ٽڪراءَ آهي، چونڊ نشان نه ملڻ سان ڪنهن پارٽي جو چونڊون وڙهڻ وارو حق ختم نٿو ٿئي، هن ڪيس ۾ ڌُر ٿيڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي درخواست موجود هئي، عام طور تي ڌُر ٿيڻ واري درخواست تي پهرين فيصلو ڪيو ويندو آهي
عدالت چيو اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سياسي پارٽين جي نظام تي ٻڌل پارلياماني جمهوريت ۾ ايترا آزاد اُميدوار ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟ پر اِن سوال جو ڪوبه اطمينان جوڳو جواب نه آيو، چونڊ تڪرار ۾ سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي ته ووٽر جي حق جو تحفظ ڪري ۽ ووٽر جي نمائندگي واري حق تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو وڃي
عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ جمهوري عمل جي ضامن ۽ حڪومت جو چوٿون ٿنڀ آهي، پر ڪميشن چونڊن ۾ اها ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهي، جڏهن اليڪشن ڪميشن غلطيون ڪري ته عدالتي مداخلت ضروري ٿي ويندي آهي.فيصلي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ هڪ سياسي پارٽي آهي، عام چونڊن ۾ قومي ۽ صوبائي سيٽون کٽيون يا حاصل ڪيون
چونڊ نشان نه ملڻ سان چونڊ وڙهڻ جو حق نٿو کسي سگهجي، آئين ۽ قانون سياسي جماعتن کي چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ کان ٿو روڪي، ڪو فرق نٿو پوي ته اسان جي سامهون پي ٽي آءِ آءِ يا سني اتحاد، عدالت فيصلو ڏنو ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي 80مان 39 ايم اين ايز کي تحريڪ جو ظاهر ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي چيو ته باقي 41 ايم اين ايز جو 15 ڏينهن اندر صحيح ٿيل بيان وٺو، مخصوص سيٽن تي تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي نوٽيفاءِ ڪريو
هوڏانهن قانون واري وفاقي وزير سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ڏنو آهي، اعظم نذير تارڙ چيو ته مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهي، اڄوڪي فيصلي لاءِ به چيو وڃي ٿو ته آئين کي ٻيهر لکيو ويو آهي، آئين جي تشريح ائين نه ٿيڻ گهرجي جو اُن جو ڍانچو ئي تبديل ٿي وڃي
اعظم نذير تارڙ چيو ته پارليامينٽ جي قانونسازي سپريم ڪورٽ جي فيصلن کان بالاتر آهي، مخصوص سيٽن واري ڪيس تي وڌيڪ ٻڌڻي جي ضرورت آهي، فيصلا اِن بنياد تي ٿيندا آهن ته ڪو رليف گهري رهيو آهي، پي ٽي آءِ ته هن ڪيس ۾ ڪٿي به ڌُر نه هئي، هن چيو ته قانون ۾ واضح آهي ته آزاد اُميدوار کي ٽن ڏينهن اندر پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻي آهي، آزاد اُميدوار جو ڪنهن پارٽي ۾ شموليت وارو عمل واپس نه ٿيڻ جوڳو آهي، هاڻوڪي قانون تحت مخصوص سيٽون ڪيئن ڏيڻيون آهن؟ اُن جو جواب تفصيلي فيصلي ۾ به نه آهي. هوڏانهن تجزئي نگارن پاران اهي سوال اٿڻ لڳا آهن ته سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ آمهون سامهون آهن، اليڪشن ڪميشن ڪهڙو پاسو وٺندي؟ امڪاني ايندڙ چيف جسٽس منصور شاهه پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرائي سگهندو؟.