اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ٽيڪس چورن کي پڪڙ ۾ آندو وڃي، هر شعبي کي ٽيڪس ڏَئِي ملڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، معاشي استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي، هاڻي عوام جي رليف کي اوليت ڏني وڃي، معاشي صورتحال بابت اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف ڪارروائيون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي، وزيراعظم چيو آهي ته جڏهن سڀ پنهنجي حصي جي ذميواري پوري ڪندا ته ڀرپور معاشي ترقي ٿيندي، معاشي ترقي سان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي آئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪار حڪومتي پاليسين مان مطمئن آهن، مهانگائي جي شرح 38 مان گهٽجي 7 سيڪڙو ٿي وئي، وياج جي شرح به 22 مان 15 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، هاڻي ڪاروبار ۽ روزگار ٻنهي ۾ واڌارو ٿيندو، ايڪسپورٽ وڌڻ ۽ ناڻي جي رڪارڊ آمد سان ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، اجلاس ۾ ناڻي کاتي پاران آءِ ايم ايف سان ڳالهين بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٽيڪس چوري ڪندڙن ۽ انهن جي مدد ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي رهنداسين. ملڪي معيشت جي ترقي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سڀ پنهنجي حصي جي ذميداري پوري ڪندا، سمورن شعبن سان تعلق رکندڙن کي ٽيڪس ادا ڪري ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم زرعي شعبي ۾ سڌارن تي پنجاب سرڪار کي ڀيٽا پيش ڪئي