OPINION … پروفيشنل ذميواريون ادا ڪندڙ صحافين جي تحفظ جو سوال

0
37
OPINION ... پروفيشنل ذميواريون ادا ڪندڙ صحافين جي تحفظ جو سوال

 ميرپور ماٿيلي جي بھادر صحافي نصر اللہ گڏاڻي جي شھادت کان پوءِ سوشل ميڊيا تي نه صرف سخت مذمت ڪئي وئي، پر اُنھيءَ ھڪڙي اھڙي سياسي تحرڪ کي جنم ڏنو آهي، جنھن سبب سردار، ڀوتار ۽ جاگيردارن جي انسان دشمن روين جي مذمت پئي ٿئي. اھو ھڪ وڏو سبب ھو، جنھن جي ڪري شھيد جي جي جنازي نماز تي ھزارين ماڻھو  گڏ ٿيا. ھڪڙي طرف قاتلن ۽ قتل جي سازش ڪندڙن جي مذمت پئي ٿئي ته ٻئي طرف سنڌ جي سياست تي نظر رکندڙ سوال پيا اُٿارين ته جيئن ناظم جوکيو جي بھادري ۽ شھادت جو سودو سندس مائٽن ڪري ڇڏيو، يا وقت سان گڏ جان محمد مھر ۽ عزيز ميمڻ جي قتل جي سازش ڪندڙ نه پڌرا ٿيا ۽ نه ئي گرفتار. تنھنڪري متان نصر اللہ گڏاڻي جو ڪيس به وقت گذرڻ سان نڌڻڪو نه ٿي وڃي.

                 صحافي برادري به نصر اللہ گڏاڻي جي معاملي ۾ مختلف موقف رکي ٿي. ڪجھه ٿورن صحافين جو خيال آهي ته نصر اللہ کي معاملي فھمي کان ڪم وٺڻ گهرجي ها، کيس سياست ۽ صحافت ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. ڪجھ صحافي دوستن جو خيال آهي ته سنڌي ميڊيا جا مالڪ، بي باڪ بھادر صحافين سان مشڪل وقت ۾ ساٿ ڪونه ٿا ڏين. ڪجھه صحافي دوستن جو خيال آهي ته پريس ڪلبن کي نون صحافين جي تربيت ڪرڻ گهرجي ته جيئن ھو خبر ڳولڻ، ٺاھڻ ۽ تجزيو ڪرڻ سکن. ڇاڪاڻ ته تربيت بنا صحافي پوليس عملدارن ۽ ڀوتارن جي چاپلوسيءَ کي صحافت سمجھن ٿا. ڪجھه صحافي دوستن جو خيال آهي ته خود صحافتي تنظيمون به انيڪ سوالن هيٺ آيل آهن ۽ اڪثر صحافي دوست به قلم ۽ لوگو جي زور تي جيڪي پاڻ کي هر احتساب ۽ صحافتي اصولن کان بالاتر سمجهن ٿا، اُنھن تي به سنجيده گفتگو جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي.

ڪجھه صحافي دوستن جي نظر ۾ ميڊيا مالڪن کي اھڙا صحافي وڻن ٿا، جيڪي جي حضوري جي صلاحيت رکندا ھجن. جيڪي صحافت ۽ اشتھارن جي نالي ۾ بليڪ ميلنگ جا ماھر ھجن. سندن خيال ۾ نصر اللہ گڏاڻي وارو اُڀار اھڙن ٺوڳين جي ٺاهه سان ٺاھيل عمارت کي ڊاھي ڇڏيندو. جڏهن ته ٻين صحافين مطابق، ميڊيا مالڪ ۽ سندن مينيجمينٽ صحافين کي رپورٽنگ عيوض اخبار جون ڪاپيون هلائڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي ته هيتريون ڪاپيون هلايو، نه ته توهان کي هٽائي ٻيو رپورٽر رکنداسين. صحافي رپورٽنگ به مفت ۾ ڪري ۽ وري مٿان انهن ادارن جو ذاتي نوڪر بڻجي اخبار جو هاڪر بڻجي ڪاپيون کپائي. وري اداري وارا ايئن فون ڪندا ته ڄڻ صحافي انهن جو ذاتي نوڪر هجي. سندن خيال ۾ حڪومت کي اهڙن سنڌي ادارن خلاف نوٽيس وٺي انهن ادارن جا اشتهار بند ڪرڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته ڪافي ميڊيا مالڪ ھر دور جي حڪمرانن جي ٽيڪ تي عدالتي حڪمن جي پڻ نافرماني ڪندي ھميشـ  پنھنجي  صحافي ملازمن کي پگھارن، الائونسز، توڙي ويج بورڊ تحت پگھار ناھن ڏيندا آهن، نه ئي قانوني رولز ريگيوليشنس تي عمل  ڪيو ويندو آھي. سٺن باشعور صحافين جي علمي بصيرتي معيار ۽ جرئت سان  سچيون خبرون شايع ڪرڻ کي ڪڏھن سماجي تبديلي واري اثر جو احساس ناھي ڪيو ويندو، نـه ئي سندن جاني مالي حفاظتي اھم مامرن کي ڪا ترجيح ڏني وئي آھي. نتيجي ۾ صحافت جا سنڌي خانگي ادارا رياست جي ھڪ ٿنڀي طور پنھنجي پيڙھـ ۾ رڳو باضمير قلم ڌڻين جون جانيون دفن ڪندا ٿا رھن. مقتول صحافين جي عيال جي ڪا مالي مدد ناھي ڪئي ويندي. صحافين جي ملازمتي حقن کي ڀوتارن ۽ وڏيرن جاگيردارن واري ورتاءَ وانگر سندن حقن جي حاصلات ۽ ٻچن جي مستقبل جي ڪا به سھولت موجود  ناهي، نه ئي ڪو پريس وارو ادارو ڪنهن صحافي کي ڪا انشورنس واري سهولت ئي ٿو ڏئي، جنهن سان ڪنهن خراب صورتحال ۾ صحافي جو علاج ٿي سگهي يا وري ان جي وڃڻ بعد سندس گهر وارن جي ڪا مدد ٿي سگهي. سندن خيال ۾ سنڌ ۾ جيڪڏهن سڄي دنيا ۾ يا مهذب سماجن وانگر صحافتي تنظيمون/اخبارن جا مالڪ ڪنهن صحافيءَ کي ملازمت ڏيڻ کان اڳ پريس ڪلب/مقامي صحافتي يونين کان سرٽيفڪيٽ/اين او سي گهرن ته بھتر ٿيندو. سندن خيال ۾ صحافتي تنظيمون بنيادي ڪم کي ڇڏي رڳو واقعن ۽ حادثن تي ردعمل ڏيڻ تائين محدود ٿي ويون آھن. انھن جو اصل ڪم صحافين جي بنيادي مسئلن ويج بورڊ ايوارڊ، صحافين جي قلم جي آزادي ۽ ملڪ ۾ موجود صحافين جي ڀلائي وارن قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ جدوجھد هئڻ گھرجي. ھنن سمورن راين ۽ خيالن کي پڙهڻ کانپوءِ مون کي لڳو ته صحافتي برادري جا پنهنجا مسئلا تمام گھڻا گنڀير آھن ۽ انھن کي حل ٿيڻ گھرجي. اسان جا صحافي دوست سخت گرمي، سردي ۽ خطري وارين حالتن ۾ رپورٽنگ ڪن ٿا، پر بدلي ۾ کين نه پورو معاوضو ملي ٿو ۽ نه سماج مان سٺي موٽ. انهن سمورين حالتن جي باوجود اسان جا بھادر صحافي دوست زندگي جو خطرو کڻي رپورٽنگ ڪن ٿا، خاص طرح سان اتر سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جتي سرداري ۽ جاگيرداري نظام سبب سندن حياتي خطري ۾ رھي ٿي.جيستائين ھن سرداري، جاگيرداري ۽ ڀوتارن واري نظام جي ڳالھه آھي ۽ جيڪي سندن چاپلوسي ڪن ٿا، اُنھن کي سمجهڻ گهرجي ته سردار، ڀوتار ۽ جاگيردار وقت ۽ تاريخ جي طاقتور ڦيٿي اڳيان ائين چيڀاٽجي ويندا، جيئن يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٿيو، جيئن روس، چين، ويٽنام ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿيو هو. سوال اهو ناهي ته سرمائيداري ايندي يا سوشلزم، پر اصل ڳالهه اها آهي ته ڀوتارن جي بدبودار نظام کي ته مرڻو ئي مرڻو آهي ۽ انهيءَ ۾ اسان جي سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين کي ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. نصر الله گڏاڻي تاريخ جي سوڀاري قوتن جو ساٿي هو. سندس نعرو “ڀوتار- ماءِ فوٽ” امر ٿي ويندو. پر اهڙي دور اچڻ کان اڳ ۾ اسان سڀني کي پنهنجي ٻڌيءَ کي وڌائڻو پوندو ۽ تنظيمي ۽ سياسي اختلاف ختم ڪري عوام جي ڀلائي جو ڪم ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي جاڳرتا ڏيڻي پوندي.

نصر الله گڏاڻي جي شهادت جي سوشل ميڊيا تي خبر ايندي ئي سنڌ جا ننڍا وڏا شهر سوڳ ۾ بند ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ مقامي طور تي نوجوانن احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ جتان جتان نصر الله جي جنازي جي ايمبولنس گذري، اتي هزارين ماڻهن سخت گرمي جي باوجود سندس ديدار ڪيو ۽ ان مٿان گلن جي ورکا ڪئي ۽ پوري سنڌ مان هزارين ۽ لکين ماڻهن نصر الله جي ڳوٺ ڏانهن روانگي شروع ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ سندس جنازي نماز گهڻن وڏن سياسي ليڊرن کان وڌيڪ ماڻهن جو سياسي شعوري اجتماع ثابت ٿيو. اهو پهريون دفعو ناهي ٿيو ان کان پهرين سوشل ميڊيا تي جڏهن بحريه ٽائون خلاف مهم هلي ته لکين ماڻهو بحريا ٻاهران احتجاج ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي ويا. سوشل ميڊيا تي جڏهن حيدرآباد اندر نوجوان ڪاڪا جو قتل افغاني پٺاڻن هٿان ٿيو ته پوري سنڌ ۾ عوام پاڻ مرادو احتجاج ڪيو ۽ افغاني هوٽلن جو بائيڪاٽ شروع ٿي ويو، جنهن سان انهن کي روزاني ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو ۽ انهن جو قبلو درست ٿي ويو. انهن سمورن واقعن ۾ سنڌ جون سياسي ۽ قومپرست ڌريون عوام جي احتجاج جي اڳواڻي ڪري نه سگهيون ۽ عوام جي مزاج کي سمجهي نه سگهيون. سنڌ جو پڙهيل لکيل نوجوان جنهن تڪليف ۽ پريشاني ۾ آهي، اها کيس آهستي آهستي بغاوت ڏانهن وٺيو پئي وڃي. ان جي ڪري سوشل ميڊيا تي ڪڏهن احتجاج جي مهم ٿي هلي ته اهي نوجوان اڳتي نڪري اچن ٿا.سنڌ جي سياسي ڌرين لاءِ اهو سوچڻ جهڙو مقام آهي ته هو پنهنجي پاڻ کي عوام سان ڪيئن گڏ رکن ۽ سندن قيادت ڪري سگهن. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته سنڌ جو نوجوان انارڪي ڏانهن ويندو ۽ سنڌ جون سياسي ڌريون سنڌي سماج کان ڪٽجي ڌار ٿي وينديون. ان جو هڪ مظهر اسان کي اليڪشن ۾ به ڏسڻ لاءِ ملي ٿو، جڏهن سنڌ جي سياسي ۽ قومپرست ڌرين جا ڏينهون ڏينهن ووٽ گهٽجي هاڻ وڃي ڪجهه هزارن ۽ سون ۾ بچيا آهن ۽ جيڪڏهن اسان جي سياسي ۽ قومپرست ڌرين نصر الله جهڙن ڪردارن جي مالڪي نه ڪئي ته پوءِ انهن جو نالو به تاريخ جي سياهه پنن ۾ ئي لکيو ويندو.