پاڪستان ۾ جڏھن جڏھن به صوبائي حقن، مالي سياسي خودمختياري، وفاقي وحدتن جي آئيني قانوني حقن تي گفتگو ٿئي ٿي ته قانونسازي جو ضرور ذڪر لازم آھي، جو ھڪ قرارداد جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل ملڪ اندر فيڊريشن جي جوڙجڪ ائين آھي جو وفاق ۽ صوبن وچ ۾ سمورو وهنوار قانونسازيءَ رستي طئه ٿيل آھي. انھيءَ ڪري قانون ساز اسيمبلي ۽ انھن جي ميمبرن جو نه رڳو وڏو ڪردار آھي، پر انھن مٿان وڏي ذميواري به آھي.
بمبئي ليجسليٽوِ اسيمبلي کان ٿيندي سنڌ اسيمبلي يا مرڪز ۾ قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جي حقن بابت قانون سازي ۾ سنڌ وطن جي ڪيترن ئي تر ۽ تڪن جي چونڊيل نمائندن توڙي سياسي اڳواڻن جو ڀرپور ۽ سگھارو ڪردار رھيو آھي. انھن ۾ ميرپور خاص تر به وڏا وڏا نالا پيدا ڪيا آھن. بئريسٽر ڀرڳڙي کان وٺي قربان علي شاھ تائين ھن خطي سنڌ کي اھڙا ذھين سياستدان ڏنا، جيڪي پنھنجي جوھر ۾ شاندار ليجسليٽر ھئا. ڪالهه ان کيپ جو ھڪ اھم نالو نواب محمد يوسف ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو آھي.
نواب يوسف ٽالپر جي ھڪ سٺي قانون ساز/ سياستدان ھجڻ جي عروج وارو دور 2002ع جي قومي اسيمبلي آھي، جيڪا شھيد بينظير ڀٽو جي حياتيءَ جي آخري اسيمبلي هئي، جو ھوءَ 2008 جي اسيمبلين لاءِ لنڊن جي ايجوئير روڊ تي واقع رحمان ملڪ (مرحوم) جي گھر تي پارٽي جون اسيمبلي يا چونڊ ٽڪيٽ ورھائي چونڊن کان اڳ، پاڪستان ايندي ئي شھيد ڪئي وئي. ان اسيمبلي ۾ مشرف سنڌ دشمن قانونسازي ڪرائڻ پئي گهري، ۽ سنڌ جا اسيمبلي ميمبر وڏين تيارين سان ‘ق’ ليگ جي حڪومت کي سڱن تي کڻيو ويٺا ھئا. انهن ميمبرن ۾ نواب يوسف ٽالپر، سيد نويد قمر، سيد ظفر علي شاھ، شيري رحمان، سيد قربان علي شاھ پيش پيش ھوندا ھئا. جن بنيادي مامرن تي ايوان ۾ سنڌ جو آواز بلند ٿيندو هو، ته پويان سموري سنڌ سندن ڍال ٿي بيھندي ھئي. پوءِ اھا ميڊيا ھجي، سول سوسائٽي ھجي يا قوم پرست پارٽيون. نواب صاحب جي ان وقت جي گجگوڙ ميڊيا رستي ڏسبي، ٻڌبي ھئي. آخري ڀيرو کيس قومي اسيمبلي جي ھاڻ ھلندڙ اجلاس ۾ ارسا ۽ ڪئينالن بابت چٽو موقف رکندي ٻڌم.
سنڌي سماج ۾ ڪئين طلسماتي ڪردار رھيا. نواب صاحب به انھن مان ھڪ ھو. حيدرآبادي ھجڻ ڪري سندن ڪيترن ئي ڪردارن ۽ ڪمن جي خبر ھوندي ھئي. شھر ۾ سندن پراڻا گھر به ڏٺل ھئا. وري سنڌي مسلم سوسائٽي واري رھائشگاھ، ۽ سندن تڪ ڪري ميرپورخاص وڃي وسائڻ، اسلام آباد، ڪراچي جي اچ وڃ. نواب صاحب چار مارچ واري جدوجهد جو هيرو هو، ممتاز ڀُٽي سان گڏ ڪفيڊريشن جي سياست ڪيائون ۽ وري پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيا. نواب صاحب ھڪ متحرڪ انسان ھو. سنڌ ان جي بنيادي ايجنڊا ھئي، تنھن ڪري ھر ان تحرڪ جو ساٿ ڏيندو ھو، جنھن جو مرڪز سنڌ جا مفاد ھجن.
‘فرنٽ’ وارن ڏينھن ۾ ھو جڏھن حيدرآباد ايندو ھو ۽ عمر ميمڻ صاحب ۽ جمال ابڙي صاحب سان ڪچھري ڪندو ھو ته سندن گھر جي سامھون پروفيسر اعجاز قريشي جو گھر ھو، ماما يوسف لغاري اسان کي ڪڏھن ڪڏھن وٺي ويندو ھو. وڏي چاهه سان سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ خوبصورت گھر تعمير ڪرايائين. ھڪ ڀيرو هڪ اين جي او کي ھڪ انٽرنيشنل اين جي او پاران مليل پراجيڪٽ ۾ عمرڪوٽ ۾ ڪم ڪرڻ دوران ڊونر چيو ته فلاڻي پروگرام ۾ چونڊيل ايم اين اي ضرور اچڻ گھرجي. منهنجي ساڻن توڙي جو ايتري ويجهڙائپ نه هئي پر فون ڪري پنھنجي تفصيلي تعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيم ته کلي چيائون: “ھاليپوٽا صاحب! اوھان چيو، مان ضرور ايندس“. پوءِ سنگت ٻڌايو ته نواب صاحب وڏي عرصي کان پوءِ اھڙي ڪنھن تقريب ۾ آيو هو. آخري ملاقات سندن ڀيڻ جي مرتئي تي ميرن جي آٽوڀان روڊ واري گھر تي تعزيت ڪندي ٿي. مختصر ڪچھري به ٿي. بنسي مالھي ۽ مولچنداڻي کي گڏ ڏسي مرڪندي چيائون ته، “منھنجي ٽيم جا ماڻھو وري ڪٿان ھٿ ڪيا اٿوَ”.
نواب محمد يوسف ٽالپر جي وڇوڙي هڪ خال پيدا ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ھو سنڌ بابت ھڪ تاريخي عملي جدوجھد ۽ سياست مان گذري آيل ڪامريڊ ھو. هو 18 فيبروري 2025ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ابدي ننڊ سمھي رھيو. نواب يوسف ٽالپر جو جنم 15 جنوري 1943 تي ٿيو. هو عوامي ماڻھو ھو. ھن صحتمندي واري حياتي سياسي جدوجهد لاءِ وقف ڪئي۔
نواب صاحب ھو ته ضلعي عمرڪوٽ جو نمائيندو پر پنھنجي تڪ سميت سڄي سنڌ جي ماڻهن جي ڳڻتي رکندو ھو. ڪوشش ڪري خدمت ۾ هميشه اڳڀرو رھندو ھو. نواب يوسف ٽالپر جو ھڪ ڀاءُ نواب غني ٽالپر پيپلز پارٽي جو ايم اين اي رھيو، جنھن کي ملڪ اسد سڪندر پنھنجو تڪ ڏنو ھو. ھاڻ ھو سرگرم ناھي. سندس ڪئين مائيٽ پيپلز پارٽي مخالف سياست ڪن ٿا. سندس پٽ نواب يونس ٽالپر ۽ نواب تيمور ٽالپر پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان سياسي ميدان ۾ سرگرم آهن. نواب يوسف ٽالپر هڪ سنڌ دوست ڪردار رھيو، جنھن جي لاڏاڻي تي سنڌ توڙي جمھوري ۽ آئيني جدوجھد ڪندڙ ٻين قومن جي ماڻھن به ڏک جو اظهار ڪيو آھي.
نواب يوسف ٽالپر جنرل ايوب خان جي ون يونٽ ۽ مارشلا جي فيصلن خلاف عملي جدوجھد ڪئي. 4 مارچ 1967ع جي شاگرد جدوجهد جي مکيه ڪردارن مان هو. قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جي زراعت ۽ سنڌ جي پاڻي جو ڪيس بهتر نموني رکندو هو. اڪثر آصف علي زرداري سان اختلاف به رکندو هو. ٻولين ۾ گهر جي ٻولي سرائيڪي، ۽ سنڌي ٻوليءَ سان بي انتها پيار ڪندڙ هو ۽ ڍاٽڪي ٻولي به ڳالهائيندو هو. پنجاب ۾ سرائيڪي صوبي جي حمايت ۾ به تقريرون ڪيائين. آخري اليڪشنن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ووٽ کنيائين. هو پنهنجن حريفن شاهه محمود قريشي، مظفر شاهه کي اليڪشن ۾ شڪست ڏيندو رهيو.
قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙهندڙ سينئر سياستدان نواب يوسف ٽالپر ان پيڙھي جي آخري قانون سازن مان ھو، جيڪو 2002 کان وٺي 2024 تائين مسلسل چار ڀيرا ايم اين اي رھندي وفات ڪري ويو. سنڌ سان پاڻي ورڇ ۾ ٿيندڙ ناانصافي خلاف سڀني ميمبرن کان وڌيڪ دليلن سان مسلسل ڳالهائيندڙ ميمبر هو. هو اسيمبلي ۾ سنڌ جي آبادگارن جو آواز بڻجي اٿندو گونجندو ھو. هو جڏهن به اسيمبلي جي فلور تي تقرير ڪرڻ لڳندو هو، تڏهن اها پڪ ھوندي ھئي ته ڊيٽا ۽ دليل سان ناڻي توڙي پاڻي ورڇ بابت سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي ڀرپور ڳالهائيندو. ھو شاگرد سياست مان اڀريل سياستدان ھو، جنھن
ون يونٽ دوران شاگردي دور ۾ شاگردن تنظيم جي صدر طور ون يونٽ ۽ پوءِ وري ضياءُ الحق جي سخت مارشل لا دور ۾ ھڪ سياستدان طور ڪردار ادا ڪيو. هو بنيادي طور تي قومپرست مزاج جو ھو. صوبائي خودمختياري جي بنيادي سوال جي حل جي ڪري فرنٽ ۾ ويو ته متان ڪنفيڊريشن جي ڳالھ رياست کي سمجھ ۾ اچي.
ٻني ٻارا تر تڪ ميرپورخاص/ عمرڪوٽ ھجڻ ڪري اتي به شاگرد دور کان ئي سرگرم ھو. ان وقت سوشل ميڊيا نه ھئي. ڪنٽرولڊ پريس ھئي. تڏهن تحريڪن/ متحرڪ ماڻھن بابت خبرون گھٽ پونديون ھيون. اسان ته کيس حيدر چوڪ/گاڏي کاتي ۾ اسي واري ڏھاڪي ۾ سرگرم ڏٺو. ھو ايم آر ڊي جي تحريڪن ۾ ٨٣ع توڙي ٨٦ع ۾ پنھنجي ساٿين، ڪامريڊن جي وڏي انگ سان حيدرآباد جي ڪوھنور سئنيما اڳيان گرفتار ٿيو ھو. نواب صاحب سياسي طرح گهڻو سرگرم هوندو هو. ايوبي مارشل لا آخري پساهن ۾ ھو. ڪامريڊ جان محمد پلي ۽ ٻي سنگت سان عمرڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ ايندو رهندو هو. مصطفيٰ سميجي جي اباڻن ڪکن ڍوري ناري ۾ ون يونٽ جي خلاف وڏو جلسو ڪيو ھئائون. سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاگرد اڳواڻ جي حيثيت ۾ ۽ ان وقت جي شاگرد يونين جي سنگت سان گڏ شھيد ڀُٽي کي سنڌ يونيورسٽي وٺي آيو ھو.
قومپرست مزاج رکڻ ڪري ھن جي ذاتي سنگت ۾ پاڪستان جا سڀ مک قومپرست اڳواڻ شامل ھئا. ممتاز ڀٽو، صمد اچڪزئي، غوث بخش بزنجو، عطاءُ الله مينگل، سرائيڪي وسيب جي قيادت سان ھن جي سنگت ھئي. ان اثر ۾ ئي نواب صاحب ڪنفيڊريشن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ قيادت سان ملي سنڌي، بلوچ، پشتون فرنٽ اتحاد جو اھم حصو بڻيو. 88ع ۾ پ پ ۾ شامل ٿي ويو. لاڏاڻي کان اڳ ڪجھ وقت ناچاڪ رھيو. ڪوشش ڪيائين ته سندس فرزند يونس عملي سياست ۾ اڳيان اچي ۽ پ پ ميمبرن ۾ شمار ٿئي. اھو به ٻڌوسين ته طبيعت جي ناچاڪي جي ڪري پنھنجي قومي اسيمبلي واري سيٽ تي يونس ٽالپر کي نامزد ڪرڻ جو خواھشمند ھو. پر ڪيترن ئي اندروني توڙي بيروني سببن ڪري پاڻ بيمار ھوندي به اليڪشن ۾ بيٺو ته ڪٿي سيٽ نه ھيٺ مٿي ٿي وڃي. ڇو ته سياست ۾ ڪو ھڪ غلط فيصلو يا تجزيو مامرا بگاڙي سگھي ٿو، سياست ۾ ٿورڙو گيپ يا سستي ميدان کسيو ڇڏي. جئين ميرپورخاص جا جيلاني صاحبان آھستي آھستي ڪمزور ٿي ويا. ھيل جيڪر سائين خادم شاھ ۽ علي نواز شاھ ٺھيل ھجن ھا ته ميرپورخاص شھر جي قومي سيٽ به جيلانين کي نه ملي ھا. ائين ئي عمرڪوٽ جا سيد قومي سيٽ جا به خواھشمند آھن. ٢٠٢٤ع جي چونڊن ۾ اهي پارٽي قيادت کي اھو باور ڪرائي ويا ته ٽالپرن ڪن تڪن تي پارٽي اميدوارن جي مخالفت ڪئي ۽ نتيجي ۾ نواب صاحب پنھنجي ايم پي اي پٽ کي وزير نه ڪرائي سگھيو. ھاڻ ننڍي چونڊ ۾ چئي سگھجي تو ته يقينن خاندان مان ئي ڪنھن کي ٽڪيٽ ملندي. نواب صاحب 1988ع ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ جي پليٽ فارم تان عمرڪوٽ جي جنھن قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن ھارائي ويو ھو، انھيءَ سيٽ تان چونڊيل ميمبر هو ۽ ڪالهه پنھنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.