Notes from Istanbul (Turkey) … ترڪ عوام ۽ عيد جو ڏهاڙو

0
411
Notes from Istanbul (Turkey) ... ترڪ عوام ۽ عيد جو ڏهاڙو

 اڄڪلهه جي هن دور ۾ عام توڙي خاص ماڻهو پنهنجي زندگين ۾ تمام گھڻو مصروف رهي ٿو، سندن مصروفتين ڪري اهي زندگي جي ڊوڙ ۾ ايترو ته گم ٿي وڃن ٿا، جو کين پنهنجن سان خوشيون ونڊڻ لاءِ به وقت ناهي ملندو. اسان سڀني جي زندگين ۾ تهوار تمام گھڻي اهميت رکن ٿا ۽ اهو تهوارن جوئي وقت هوندو آهي، جنهن سبب پنهنجي مصروف ترين لمحن کي هڪ پاسي رکي زندگي کي خوشين سان تازو توانو ڪري سگھجي ٿو.

                 جڏهن خوشي ڀرين ڏهاڙن جي ڳالهه هلي ٿي ته انهن ڏهاڙن ۾ عيد جو ڏهاڙو وڏي اهميت رکي ٿو، جنهن جو تصور ذهن ۾ ايندي هر ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ ۾ خوشي جي لهر اڀرڻ شروع ٿئي ٿي. سموري دنيا جي مسلمان ملڪن وانگر ترڪي ۾ پڻ عيد جو ڏهاڙو وڏي جوش و خروش سان ملهايو ويندو آهي. ترڪي ۾ عيدالفطر جي اهميت  الڳ ٿلڳ ان ڪري به آهي جو هتي مسلمانن جو وڏو تعداد آهي، جيڪي پوري رمضان دوران روزا پڻ رکندا آهن ۽ سندن سمورو مهينو عبادت ۾ گذري ٿو. نه صرف مذهبي ۽ عقيدي طور پر اخلاقي طور به جي ڏسجي ته رمضان جو ڀلارو مهينو ۽ عيدالفطر جو ڏهاڙو ترڪ عوام لاءِ خاص اهميت رکي ٿو.

ترڪي ۾ عيد جو چنڊ ڏسڻ جو رواج ناهي، نه ئي وري هتي اهڙي ڪا ڪاميٽي آهي، جيڪا چنڊ ڏسي عيد جو اعلان ڪري. هتان جا حڪمران سائنسي ڪئلينڊر مطابق هر سال عيد ملهائيندا آهن ۽ سال جي شروعات کان ئي عيد جا ڏهاڙا ڪئلينڊر مطابق طئي هوندا آهن. جنهن سبب اسان سڀني کي خبر آهي ته هن سال ترڪي ۾ عيدالفطر جمعي جي ڏينهن ملهائي ويندي، جڏهن ته اسان عيد جو پهريون ڏينهن استنبول ۾ ملهائينداسين ۽ عيد جا ٻيا 2 ڏهاڙا ترڪي جي ٻين شهرن ڏانهن سير و تفريح ڪندي گذرندا.

ترڪي، خاص طور تي استنبول ۾ عيد جو ڏهاڙو حڪمرانن توڙي عوام لاءِ بيحد خاص ڏينهن هوندو آهي.

عيد جي شروعات عيد نماز سان ڪئي ويندي آهي ۽ هتي سموري ترڪي ۾ عيد جي نماز جو حڪومت پاران هڪ ئي وقت طئي هوندو آهي، جنهن سبب هتي عيد نماز 6 وڳي پڙهائي ويندي آهي ۽ سموري ترڪي ۾ عيد جو هڪ ئي خطبو پڙهيو ويندو آهي، جيڪو پڻ هتان جي حڪومت طئي ڪندي آهي. عيد جي نماز عام طور تي کليل ميدانن ۽ مسجدن ۾ يا اجتماعي مرڪزن ۾ به ادا ڪئي ويندي آهي. هن نماز جي رسم لاءِ مؤذن طرفان ڪو به سڏ نه ڏنو ويندو آهي، ڇو ته وقت اڳ ئي طئي ٿيل هوندو آهي.

نماز کان پوءِ سموري دنيا جي مسلمانن جي سلامتي لاءِ دعا گھري ويندي آهي. هتان جا حڪمران پڻ عوام سان گڏ وڏن اجتماعن ۾ نماز پڙهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. ترڪي جو صدر رجب طيب اردگان استنبول ۾ آيا صوفيا، تاڪسم اسڪوائر مسجد يا وري سلطان احمد مسجد ۾ عيد نماز پڙهندو آهي.

عيد نماز جي ادائگي کانپوءِ ڪجھ ماڻهو پنهنجن گھرن ڏانهن رخ ڪندا آهن، جڏهن ته ڪجهه سياحتي ماڳن ڏانهن ويندا آهن. عيد جي ڏينهن به هتي مسجدن ۾ تمام گھڻي رونق ۽ ماڻهن جا ميڙاڪا نظر ايندا آهن، سڀ کان وڏي رونق استنبول ۾ آيا صوفيا ۽ سلطان احمد مسجد جي آس پاس نظر ايندي آهي. ترڪ عوام جو هڪ وڏو تعداد انهن ڏينهن ۾ تاڪسم اسڪوائر، استقلال ۽ توپڪاپي محل ۾ پڻ نظر ايندو آهي.

عيد تي ترڪ عوام مائٽن سان ميل جول وڌائڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. پيار ۽ عزت جي نشاني طور پنهنجن بزرگن جي ساڄي هٿ کي چمڻ ۽ ان کي پيشاني تي رکڻ جو رواج آهي. دهلاري جيڪي 30 ڏينهن تائين هر رات انساني الارم گھڙي رهيا آهن،

انهن کي پڻ پنهنجي اجرت وٺڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. عيد جي ڏينهن دهل وڄائيندا ماڻهن جي گهرن جو رخ ڪندا آهن ۽ عيد جي خرچي وٺندا آهن. عيد جي سڀ کان اهم روايتن مان هڪ اها به آهي ته، ٻار گهر گھر عيد ملڻ ويندا آهن. گهرن جا دروازا کڙڪائڻ، گھنٽي وڄائڻ، ماڻهن کي عيد جون مبارڪون ڏيڻ ٻارن جو عيد تي خاص مشغلو هوندو آهي.

ان جي بدلي ۾، اهي ٻار مٺايون، چاڪليٽ ۽ خرچي وصول ڪن ٿا. عيد تي سندن اهو عمل ترڪي جي گهٽين ۽ چوراهن کي اڃا به وڌيڪ مصروف بڻائي ٿو. ٻارن جي خوش مزاج گروهن سان گڏ ڊوڙ، انهن پاران مليل خرچي ڳڻڻ ۽ سندن رقص جا لمحا ڏسڻ وٽان هوندا آهن.

ترڪي جي عثماني سلطنت ۾، موڪل جو ڏينهن ٻارن لاءِ وڌيڪ سرگرمين سان ڀريل هو. اهو ٻارن لاءِ تفريح جو هڪ لازمي احساس هو ته هو رمضان جي راتين ۾ ڪاراگوز ۽ هيڪيوٽ جي راند يا پپٽ شو ۾ وڃڻ جي قابل ٿي وڃن، بازارن ۾ گهمن ۽ جيڪي چاهين خريد ڪن، پنهنجن ساٿين سان ملن ۽ تفريح ڪن.

عيد جي 3 ڏهاڙن تائين هتان جو سڀ ٽرانسپورٽ مڪمل طور مفت هونديون آهن، جن جو فائدو سياح توڙي ترڪ عوام حاصل ڪري سگھي ٿو. استنبول ۾ 13 قسمن جون مختلف عوامي ٽرانسپورٽ سهولتون آهن، جن ۾ ميٽرو بس، ميٽرو ٽرين، ٽرام، فيري بوٽ يعني سمنڊ ۾ هلندڙ ٻيڙيون ۽ ٻيڙا، ٽيليفيرڪ يعني چيئر لفٽ ۽ ٻيون به ٽرانسپورٽ شامل آهن. اهي سڀ عيد جي ڏهاڙن ۾ مڪمل طور مفت هونديون آهن. عيد تي هتان جو ماحول تمام مختلف ۽ پرڪشش هوندو آهي، جنهن سبب سياح پڻ مختلف ملڪن مان هتان جو رخ ڪندا آهن. عيد جا ثقافتي ميلا، اسٽال، مفت پروگرام، تفريحي ماڳن جو رونقون ۽ ترڪش رقص، ثقافتي مٺايون،  چاڪليٽ ۽ ترڪش سازن ۽ موسيقي جا ميڙاڪ توهان کي هتي عام ملندا.

گذريل سال اسين عيد جي ڏينهن استنبول کان پاڻي واري جهاز ذريعي هتان جي وادين واري تاريخي شهر برسا ويا هئاسين، برسا ۾ پڻ اسان کي اهڙو ئي ماحول نظر آيو، پر برسا استنبول جي مقابلي ۾ تمام ننڍو شهر آهي، جنهن سبب اتي اهڙا ميڙاڪا صرف تفريحي ماڳن تي نظر آيا. برسا ترڪي جي تاريخ کي تمام گھڻي اهميت رکي ٿو. هتي ترڪ حڪمران عثمان غازي ۽ سندس ٻين ساٿين جا مقبرا پڻ آهن. عيد جي ڏينهن انهن شخصيتن کي پڻ ڀيٽا ڏني ويندي آهي. سموري ترڪي ۾ جتي جتي ترڪ حڪمرانن، سياستدانن، تاريخي شخصيتن ۽ اسلامي اسڪالرز جا مقبرا آهن، کين عيد سميت اهڙن ڏهاڙن تي گارڊ آف آنر ڏنو ويندو آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ عوام گڏ ٿيندو آهي. اسان کي اهڙو لقاءُ 2 سال اڳ قونيا ۾ مولانا رومي ۽ سوگھوت ۾ ارتغرل غازي جي مزارن تي پڻ ڏسڻ لاءِ مليو، جنهن جو تفصيلي ذڪر ٻئي دفعي ڪنديس.

[email protected]