ترڪي انهن چند ملڪن مان آهي، جن ۾ مسلمان آبادي جي اڪثريت آهي. ترڪي جي سڀ کان مشهور شهر استنبول ۾ پڻ مسلمانن جي آبادي 80 سيڪڙي کان وڌيڪ آهي. هن شهر ۾ ترڪ شهرين کان علاوه بين الاقوامي سياحن ۽ شاگردن جو پڻ هڪ وڏو انگ رهي ٿو. ترڪي جا ماڻهو رمضانُ المبارڪ کي ملڪُ الشهور (يعني مهينن جو سلطان) چوندا آهن. استقبالِ رمضان جي لاءِ گهٽين پاڙن کي سجايو ويندو آهي، رمضانُ المبارڪ جو چنڊ ڏسي ڪري ماڻهو سحري ۽ افطاري جا ڪئلينڊر پڻ ورهائيندا آهن. جڏهن ته استنبول سميت هتان جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ ڪاروباري ۽ سياحي سرگرميون معمول مطابق روان دوان هونديون آهن.

                 رمضان جو مهينو جتي سموري دنيا جي مسلمانن لاءِ رونقون ‌‌‌‌‌کڻي اچي ٿو، اتي اسين پڻ استنبول ۾ رهندي پاڻ کي خوشنصيب سمجهون ٿا ۽ هتان جي تهوارن، تهذيب، ميلن ۽ رونقن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺندا آيا آهيون. استنبول ۾ گذريل 4 سالن کان مون ڏٺو آهي ته هتان جا سياسي سماجي توڙي عام ماڻهو هن مقدس مهيني لاءِ منفرد سرگرميون ڪندا آهن. جهڙي ريت ترڪي ۾ اهو مهينو ملهايو وڃي ٿو، خاص ڪري، مون کي هن مقدس مهيني ۾ ترڪي جي روزاني زندگيءَ جي تعريف ڪرڻ تي مجبور آهيان.

ترڪي جي سمورن شهرن جون مسجدون رمضان ڪريم دوران تمام مصروف رهن ٿيون، جڏهن ته سمورين مسجدن کي ان مهيني جي نسبت سان سجايو پڻ ويندو آهي. انهن مسجدن جي سجاوٽ ۾ هڪ پراڻي رسمي سجاوٽ پڻ شامل آهي، جنهن مطابق سمورين مسجدن جي مک ٻن مينارن جي وچ ۾ خوبصورت روشن بتين سان رمضان ڪريم بابت ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکيل هوندو آهي. خاص طور تي اسلامي حديثون، پيغام، رمضان ڪريم جي مبارڪباد ۽ ٻيو به گھڻو ڪجهه لکيل هوندو آهي. ان ڏس ۾ استنبول جون مسجدون خاص طور تي سلطان احمد مسجد جنهن کي “بلو ماسڪ” به چيو وڃي ٿو، آيا صوفيا، ابو ايوب انصاري مسجد، تاڪسم اسڪوائر مسجد ۽ چامليجا جامي تمام خوبصورت لڳنديون آهن. انهن مسجدن تي لکيل پيغام سياحن جو ڌيان ڇڪائيندا آهن. جڏهن ته استنبول ۾ مسجدن اندر پڻ هڪ خاص رونق نظر ايندي آهي. 2 سال اڳ رمضان جي بابرڪت مهيني دوران استنبول جي آيا صوفيا چرچ ميوزيم کي هتان جي صدر رجب طيب اردگان مسجد ۾ تبديل ڪيو هو، جنهن بعد لڳاتار هر رمضان دوران هن مسجد اندر خصوصي تراويح جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهن سميت هتان جون سياسي سماجي شخصيتون پڻ شرڪت ڪنديون آهن. ترڪي جي سڀ کان وڏي مسجد، جنهن جو نالو چامليجا جامي آهي، اها پڻ استنبول ۾ واقع آهي. ياد رهي ته ترڪش ۾ مسجد کي جامي چئجي ٿو، چامليجا جامي سميت استنبول جي سمورين مسجدن ۾ رمضان ڪريم ۽ تراويحن جا خاص اهتمام ٿيل آهن.

هن مبارڪ مهيني بابت ترڪي جي واسين پنهنجي هڪ ٻي به قديمي روايت کي زنده رکيو آهي، اسان آکاڻين ۾ ٻڌندا ۽ ڊرامن ۾ ڏسندا هئاسين ته عرب ملڪن ۾ سحري جي وقت دوران دهلاري دهل وڄائي سحري جي وقت جو اعلان ڪندا هئا، توهان کي ٻڌي حيرت ٿيندي ته ترڪي ۾ اڄ ۾ رمضان ڪريم دوران ايئن ڪيو وڃي ٿو. ياد رهي ته اها رسم صرف ڳوٺن يا ننڍن شهرن ۾ ناهي، بلڪه ترڪي جي هر وڏي شهر‌ سميت استنبول جي هر گهٽين ۾ پڻ نظر اچي ٿي. ان رواج سبب هر روز سحري جي وقت دوران ڪارنياول يا ڪنهن فيسٽيول جهڙو سمان هوندو آهي. جڏهن ته هتي افطار دوران پڻ منفرد نظارا ڏسڻ لاءِ ملندا آهن. افطار دوران هر مسجد پنهنجون بتيون روشن ڪندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن توپ جو آواز ڪندي دعويٰ ڪندي آهي ته روزي افطار ڪرڻ جو وقت ٿي ويو آهي. سحري دوران هتان جا روايتي کاڌا کاڌا وڃن ٿا، جن مان ترڪ ماڻهن کي “پديمان” تمام گھڻو پسند آهي. پديمان سنڌين جي مٺي مانيءَ جهڙو ٿئي ٿو، جيڪو رمضان ۾ هنن جو ثقافتي ۽ سحريءَ لاءِ تمام ضروري کاڌو آهي، جڏهن ته هتان جا ماڻهو افطار ۾ شربت، ميون ۽ ترڪ “لاماجون” جو استعمال ڪن ٿا.

هتان جي حڪومت پاران پڻ رمضان ڪريم لاءِ خاص اهتمام ڪيا ويندا آهن، هر سال هن مقدس مهيني ۾ عام ماڻهن جي جڳهين، پارڪن ۽ تفريحن جاين تي ميلا لڳايا ويندا آهن، انهن ميلن ۾ ڪتابن جا اسٽال لڳائڻ سميت، معلوماتي پروگرام پڻ منعقد ڪيا ويندا آهن. ميلن ۾ روايتي ترڪ موسيقي جا پروگرام پڻ منعقد ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته هتان جا ماڻهو هٿ هٿن ۾ ڏئي 300 ميٽرن تائين جا گول دائرا ٺاهي ترڪش رقص پڻ ڪندا آهن، جنهن دوران ڪو ڀيدڀاءُ ناهي هوندو ۽ تفريحي ماڳن تي پڻ رمضان ڪريم دوران اهي نظارا نظر ايندا آهن. ٻئي پاسي انهن ميلن ۽ تفريحي ماڳن تي هر روز مفت افطار پڻ ڪرائي ويندي آهي، افطار دوران ڪنهن به قسم جو ڀيدڀاءُ ناهي ڪيو ويندو، مسلم توڙي غير مسلم ۽ سياحن کي پڻ شامل ڪيوويندو آهي. هتان جي لوڪل گورنمينٽ پڻ سموري مهيني دوران هر روز افطار جا اسٽال لڳائيندي آهي، اهي اسٽال هر شهر جي هر علائقي ۾ لڳايا ويندا آهن، جيڪي پڻ روزيدارن کي مفت افطار ۽ سحري فراهم ڪندا آهن. هي سموريون سرگرميون انتهائي خلوص ۽ پر امن طريقي سان سرانجام ڏنيون وينديون آهن.

ياد رهي ته ترڪ اڄ به ان مهيني جو آڌرڀاءُ ڪن ٿا ۽ ان مقدس مهيني دوران نفرتون ۽ تڪرار ختم ڪرڻ جي واٽ تي هلڻ پنهنجو فرض سمجھن ٿا. اسان هتي ڪيترن ئي خاندانن کي هن بابرڪت مهيني دوران تڪرار ڇڏي ڀائپي قائم ڪندي ڏٺو آهي، جڏهن ته ڪيترائي مٽ مائٽ محبتون وڌائڻ لاءِ هڪٻئي سان افطار پڻ ڪندا آهن. هي مهينو استنبول جي سياحن لاءِ پڻ خاص مهينو آهي، هن مقدس مهيني دوران سياح مسجدن جي شهر استنبول ڏانهن وڏي انگ ۾ رخ ڪندا آهن، سياحن موجب هن مهيني ۾ وڌيڪ سڪون ۽ رونق هوندي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي هتان جي مسجدن ۽ تهوارن تي ڊاڪيومينٽريون پڻ ٺاهيون آهن.

[email protected]