Notes from Istanbul (Turkey) … ترڪيءَ جي معيشت صحت ۽ ٽرانسپورٽ جون سهولتون

0
80
Notes from Istanbul (Turkey) ... ترڪيءَ جي معيشت صحت ۽ ٽرانسپورٽ جون سهولتون

 ترڪي جو شهر استنبول زندگي گذارڻ جي حوالي سان دنيا جي اهم ترين شهرن مان هڪ آهي. هي دنيا جو اهڙو واحد شهر آهي، جيڪو ٻن مختلف کنڊن (ايشيا ۽ يورپ) تي واقع آهي. ايشيا ۽ يورپ کي ڳنڍڻ سبب هي شهر دنيا جي نقشي ۾ تمام گھڻي اهميت رکي ٿو، جنهن سبب هن شهر کي تجارتي اهميت پڻ حاصل آهي. هڪ شاندار طرز زندگي، عالمي معيار جي سهولتن ۽ منفرد قدرتي ۽ تاريخي حيثيت سبب پڻ استنبول دنيا جي بهترين شهرن مان هڪ آهي. هتان جي جديد ٽرانسپورٽ ۽ صحت جي سهولتن ڪيترن ئي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو آهي. استنبول کي تعليم جو مرڪز پڻ سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي اعليٰ معياري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ڪري ا‌ڄ هي ملڪ يورپ سان مقابلي ۾ آهي ۽ دنيا مان ڪيترائي نوجوان هتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن.استنبول يورپ ۾ نوجوانن جي سڀ کان وڌيڪ آباديءَ وارو شهر آهي، استنبول جي معيشت ترڪي جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ پڻ وڌيڪ آهي. ترڪي 2003ع کان هن وقت تائين 280.8 بلين ڊالرن جي مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاري حاصل ڪئي آهي، جنهن جو سبب هتان جون انسان دوست سهولتون ۽ پرسڪون ماحول جو هجڻ آهي. هتان جي سهولتن ۽ استنبول شهر بابت مان توهان کي انگن اکرن ۾ ٻڌائيندي هلان. استنبول ۾ 3 باسفورس پل، هڪ سرنگ (يوروشيا) جيڪا يورپ ۽ ايشيا کي ملائي ٿي، 3 ايئرپورٽ، 2 بين الاقوامي بندرگاهون، 420,000 ادارا، 47 بئنڪون، جن جون 2816 شاخون، 20 لک شاگرد، 9103 اسڪول، 35,000 تعليمي ماهر ۽ استاد، 402 اسپورٽس ڪمپليڪس، 1617 اسپورٽس ڪلبون، 118,000 لائسنس يافته رانديگر، 61 يونيورسٽيون، 238 اسپتالون، 712 هوٽلون، 91 عجائب گھر، 1796 تاريخي جڳھيون، 233 ڪلوميٽر ريل سسٽم، 147 شاپنگ مال، 28,000 ريسٽورنٽ ۽ 115,000 ڊاڪٽر آهن.يورپ جي مقابلي ۾ ترڪي ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ٽرانسپورٽ سسٽم آهي؛ خاص طور تي هتان جي شهر استنبول جو ٽرانسپورٽ سسٽم تمام گھڻو مشهور ۽ شاندار آهي، استنبول ۾ توهان آساني سان شهر جي هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين سفر ڪري سگهو ٿا. هتي سير و تفريح ڪرڻ لاءِ 13 قسمن جون ٽرانسپورٽ آهن، جن ۾ بس، ميٽروبس، ٽرام، ٽرين، فيري بوٽ، فنيڪيولر، چيئر لفٽ ۽ ٽيڪسي شامل آهن. هي سموريون گاڏيون عوام لاءِ تمام سستيون ۽ آساني سان ميسر آهن. استنبول سميت ترڪي جي هر شهر جو نقشو هتان جي ٽرانسپورٽ جي حساب سان پڻ ‌ٺاهيو ويو آهي، جنهن سبب هتان جو عوام آساني سان سفر ڪري سگھي ٿو. انهن سمورين ٽرانسپورٽ کي استعمال ڪرڻ لاءِ استنبول ڪارڊ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن کي ترڪش لرا سان مختلف اسٽاپن تي موجود ڪارڊ بوٿ، آن لائن ايپ ذريعي يا وري ڪنهن دڪان تي وڃي ريچارج ڪري سگھجي ٿو. استنبول ڪارڊ استعمال ڪندڙن لاءِ هتان جي گورنمينٽ مختلف اسڪيمون ۽ فائدا پڻ رکيا آهن. جهڙوڪ، ڪو به شاگرد، استاد ۽ ورڪ پرمٽ تي ڪم ڪندڙ شخص اهو ڪارڊ 80 سيڪڙي ڊسڪائونٽ ۾ پوري مهيني لاءِ ريچارج ڪري سگھي ٿو. شهيدن ۽ فوجين جي گھر ڀاتين لاءِ اهو ڪارڊ مفت آهي. مطلب ته انهن جا گھر ڀاتي سموري ٽرانسپورٽ ۾ مفت سفر ڪن ٿا. اهڙي طرح ڪا به ماءُ جنهن جي اولاد جي عمر 5 سالن کان گھٽ آهي، ۽ ڪو به شخص جنهن جي عمر 60 سال کان وڌيڪ آهي، اهو پڻ ان ڪارڊ ذريعي سموري استنبول توڙي ترڪي جي ٻين شهرن اندر موجود پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ مفت سفر ڪري سگھي ٿو. جڏهن ته عوامي، سياسي، بين الاقوامي ۽ عيد جي ڏهاڙن تي هتي عوامي گاڏين ۾ سفر مڪمل طور مفت هوندو آهي. هڪ پاسي اهي سموريون سهولتون پر ٻئي پاسي استنبول جي وڌندڙ ٽريفڪ هڪ الڳ مسئلو آهي. گذريل ڪجھ سالن کان استنبول جي سڀ کان مک هاءِ وي، جنهن کي اِي فائو هاءِ وي چون ٿا، ان تي ٿيندڙ ٽريفڪ دبئي جي ٽريفڪ جا رڪارڊ توڙيا آهن، جڏهن ته اهو هاءِ وي استنبول جي ايشين پاسي کان شروع ٿيندي شهر جي وچ مان گذرندي يورپ سان ملي ٿو. اهڙي ٽريفڪ سبب پنهنجيون گاڏيون هجڻ باوجود هتان جو عوام پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ ميٽروبس ۽ ميٽرو ٽرين ۾ سفر ڪرڻ پسند ڪري ٿو.ڪو به ملڪ ترقي يافته ملڪن جي ڊوڙ ۾ تڏهن ايندو آهي، جڏهن اهو پنهنجي عوام کي بنيادي سهولتون ميسر ڪري ٿو. جڏهن عوام خوشحال ۽ صحتمند هوندو آهي، تڏهن ملڪ ترقي جي راهن تي گامزن ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتان جي حڪومت پنهنجي ماڻهن جو خيال رکڻ ۾ ڪا ڪسر نه ٿي ڇڏي ۽ کين بنيادي سهولتون بِنا ڪنهن احتجاج ۽ جلسن جلوسن جي فراهم ڪري ٿي. دنيا جا اهڙا ملڪ اسان لاءِ اهڙو مثال آهن، جن کي ڏسي شايد اسان پڻ ترقي جي راهن تي هلڻ شروع ڪريون. صحت، تعليم ۽ بهتر سفري سهولتون هر انسان جو حق آهي. جڏهن ته انهن سمورين سهولتن لاءِ عوام ٽيڪس پڻ ڀري ٿو.ترڪي، خاص طور تي استنبول ۽ انقره جي صحت وارين سهولتن کي پڻ دنيا ۾ ساراهيو ويو آهي، ترڪي پاران فراهم ڪيل صحت جون خدمتون خاص طور تي تقريبن هر قسم جي ڪينسر جو علاج، عضون جو ٽرانسپلانٽ، جديد ترين ٽيڪنالاجي ذريعي آپريشن سميت ٻيون سهولتون دنيا ۾ بهترين سمجهيون وينديون آهن. هن ملڪ جي طبي انفراسٽرڪچر گذريل ڏهن سالن ۾ بهترين طريقي سان ترقي ڪئي آهي، جڏهن ته ٻين ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ اهي سمورا علاج هتي سستا آهن، جنهن سبب جديد ملڪن جا ماڻهو پڻ ڊالر ۽ يورو خرچ ڪرڻ بجاءِ ترڪي اچي پنهنجو علاج سستي نموني ڪرائيندا آهن. علاج لاءِ ايندڙ ماڻهون سير و تفريح پڻ ڪندا آهن، جنهن کي هتي هيلٿ ٽوئرزم چيو وڃي ٿو، جنهن سبب هتي ايندڙ مريض علاج ڪرائڻ سميت هتان تاريخي ۽ خوبصورت ماڳ ڏسي ذهني ۽ جسماني طور تازا ۽ توانا محسوس ڪندا آهن. ان سبب ترڪي جي اڪانامي کي پڻ هيلٿ ٽوئرزم مان تمام گھڻو فائدو حاصل ٿيو آهي. ياد رهي ته هتي سياحن توڙي عام ماڻهن ۽ شهرين لاءِ ميڊيڪل سينٽرن سميت جديد اسپتالون ۽ جديد طبي سامان موجود آهن. صحت واري انشورنس و‌‌ٺي هتي شهري توڙي بين الاقوامي شاگرد تمام گهٽ قيمت ۾ بهترين علاج ۽ چڪاس جي سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته هتان جون سرڪاري اسپتالون پڻ جديد ٽيڪنالاجي ۽ بهترين طبي سهولتن سان هلي رهيون آهن. سرڪاري اسپتالن ۾ ترڪ عوام مفت علاج ڪرائي ٿو، جڏهن ته غير شهري ماڻهن لاءِ سرڪاري اسپتالن جا اگھ گھٽ آهن ۽ صحت واري انشورنس جي ذريعي مفت علاج ڪرائي سگھجي ٿو. ترڪي ۾ سرڪاري اسپتالن کان علاوه هر علائقي ۾ صحت جا مرڪز پڻ موجود آهن، اهي مرڪز 2 قسمن جا آهن، هڪ اهي، جن ۾ ترڪ شهري، سندن ٻار علاج ڪرائي سگھن ٿا ۽ ٻيا اهڙا مرڪز آهن، جيڪي صرف ۽ صرف پرڏيهين لاءِ ‌ٺاهيا ويا آهن، جن جا ڊاڪٽر انگريزي ڳالهائي سگهن ٿا ۽ انهن ۾ سندن مفت علاج ٿئي ٿو. انهن سهولتن سبب اسان سميت اسان جا بين الاقوامي دوست پڻ بهتر زندگي گذاري رهيا آهن.هتان جو عوام بيحد تعليم يافته ۽ باشعور آهي، جنهن سبب انهن پنهنجا بنيادي حق ۽ سهولتون ڪيترو وقت اڳ ئي حاصل ڪري ڇڏيون آهن، ۽ هاڻي اها قوم دنيا سان مقابلو ڪري رهي آهي. اهڙيون قومون ۽ ملڪ يقينن اسان لاءِ مثال آهن، جڏهن ته هتان جو تعليمي نظام پڻ ترقي يافته، جديد ۽ تعريف جي قابل آهي. ان جو تفصيلي ذڪر ڪنهن ٻئي ڪالم ۾ ڪبو.

[email protected]