Notes From Istanbul (Turkey) … اسلامي تھذيب ۽ ترڪي

0
646
Notes From Istanbul (Turkey) ... اسلامي تھذيب ۽ ترڪي

 ترڪي اسلامي تاريخ جي لحاظ کان اهميت جوڳو ملڪ آهي، تاريخ ۾ ڏسيو ويو آهي ته هن خطي کي اڳ ۾ قسطنطنيه سڏيو ويندو هو، ۽ قسطنطنيه کي فتح ڪرڻ ۽ اسلام جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي اصحابي سڳورن هتان جو رخ ڪيو هو. تاريخي حوالن موجب، 1,000 کان وڌيڪ اصحاب ترڪي جي شهر استنبول ۾ مدفون آهن.انهيءَ لحاظ کان، استنبول کي “صحابه جو شهر” پڻ سڏيو وڃي ٿو.

                 استنبول وارن انهن اصحابن جي مقبرن کي ساراهيو آهي، تاريخ ڏَسي ٿي ته استنبول فتح ڪرڻ کانپوءِ جيڪي سپاهي هن شهر ۾ قيام لاءِ آيا، اُنهن پنهنجن خاندانن کي پڻ هتي وسايو ۽ انهن سپاهين توڙي وزيرن، مشيرنم اصحابي سڳورن جي مزارن تي ڪجهه خاص ڏينهن تي زيارت ڪرڻ فرض سمجهيو؛ ۽ انهن اھڙي ريت  پنهنجي نبيءَ جي عقيدت کي مضبوط ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو. هن وقت پڻ اهي مقدس ماڳ نه رڳو شهرين لاءِ پر منتظمين لاءِ به وڏي اهميت رکن ٿا. سلطان محمود جي دور ۾ شهزادي سهافلار انهن سڀني مقبرن ۽ مزارن جي مرمت ۽ سار سنڀال ڪئي هئي.

هن وقت پڻ اهي مقدس ماڳ نه رڳو شهرين لاءِ پر منتظمين لاءِ به وڏي اهميت رکن ٿا، موجوده حڪومت انهن مقبرن جي سار سنڀال لاءِ خاص انتظام ڪيا آهن، ۽ اڄ به استنبول جي شهرين جو هڪ خاص طبقو انهن مزارن کي رونق بڻايو ويٺو آهي. استنبول جي ميئر مطابق استنبول ۾ موجود اهي مقبرا سندن تهذيب جي سڀ کان اهم حصن مان آهن. خاص ڪري سندن نظريي ۾ اصحابن جي مزارن ۽ مقبرن کي خاص مقام حاصل آهي. اصحابن جا مقبرا، جيڪي تاريخ جو خوبصورت حصو آهن، اهي اڄ به استنبول کي هڪ منفرد سڃاڻپ ڏين ٿا، انهن مقبرن استنبول کي اسلام جي پهرئين دور سان ڳنڍڻ ۾ سڀ کان اهم تاريخي ڪردار ادا ڪيو ۽ ان تعلق کي اڄ تائين ماڻهن جي يادن ۾ زنده رکيو ويو آهي.

استنبول شهر ۾ اسان جي پياري نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ساٿي حضرت ابو ايوب انصاري جن جي مزار پڻ موجود آهي، حضرت ابو ايوب انصاري اهو اصحابي آهي، جن مديني پاڪ ۾ حضور ڪريم جي مهمان نوزاي ڪئي هئي. سندس مزار جي ساڄي پاسي حضور ڪريم صلعم جن جي پير مبارڪ جو نشان پڻ رکيل آهي. توهان کي شايد اها ڳالهه ٻڌي حيرت نه ٿئي ته اڄ به ان مزار جون رونقون قائم آهن، حضرت ابو ايوب انصاري جي مزار هر وقت شهرين توڙي سياحن سان ڀريل نظر ايندي آهي، جڏهن ته مزار جي احاطي ۾ عورتن توڙي مردن لاءِ الڳ الڳ مسجد پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ان مزار جي احاطي ۾ ٿڌي پاڻي جا نلڪا پڻ لڳل آهن، جن لاءِ ترڪي جي شهرين وٽ روايت موجود آهي ته انهن نلڪن مان پاڻي پيئڻ جو مقصد حضرت ايوب انصاري جو مهمان ٿيڻ آهي ۽ پاڻي پي هو سندن مهمان ٿيڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن. حضرت ابو ايوب انصاري جي مزار تي ايندڙ شهري اتي خير و خيرات به ڪندا آهن. هونئن ته استنبول ۾ توهان کي هر جڳهه ٻليون نظر اينديون، جن جي سار سنڀال جي ذميواري اتان جي حڪومت جي آهي، مگر حضرت ابو ايوب انصاري جي مزار جي احاطي ۽ آس پاس ۾ توهان کي ٻلين جو هڪ وڏو انگ ملندو، جن کي مزار تي ايندڙ ماڻهون کاڌ خوراڪ ۽ الاهي پيار، حسن و سلوڪ ڏيندا آهن.

ترڪي ۾ ان سميت ٻين ڪيترن ئي اصحابن ۽ نبين جون مزارون پڻ موجود آهن، جن ۾  حضرت يونس عه، حضرت الياس عه، حضرت دانيال عه، حضرت سفيان بن عيني،  حضرت عمرو بن عه، حضرت عافر، حضرت عبدالله الحيدري عه ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته استنبول جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ ڪجھ نبين جي قبرن جا آثار مليا آهن، جن نبين جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ موجود آهي. اهڙي ريت استنبول کان علاوه ترڪي جي ڪيترن ئي شهرن ۾ نبين جون قبرون موجود آهن، جن جي هتان جي حڪومت پڻ نشاندهي ڪري چڪي آهي ۽ اڄ به اتي سياحن جو هڪ وڏو انگ ويندو رهي ٿو. توهان کي هڪ ٻي به دلچسب ڳالهه ٻُڌائيندي هلان ته نبين ۽ اصحابن سڳورن سان وابسطه مقدس شيون پڻ توپڪاپي محل ۾ موجود آهن، اهو محل استنبول شهر ۾ واقع آهي، جنهن کي هزارين سياح هر روز گهمڻ اچن ٿا. آئون انهن مقدس شين جو تفصيلي ذڪر ٻئي دفعي ڪنديس. ترڪي جي اسلامي تاريخ سان وابستگي ايتري ته پراڻي آهي جو هتي اصحابِ ڪهف جي غار پڻ موجود آهي، هي اهي اصحابي آهن جن جو ذڪر قرآن پاڪ جي ڪهف سورت ۾ ڪيو ويو آهي. اسلامي عالم متفق آهن ته اها غار ترڪي جي شهر ترسس ۾ واقع آهي. غار ۾ سياحن جي وڏي تعداد ايندي رهندي آهي، جنهن جي ڪري هتي بهترين انتظام پڻ ٿيل آهنايترين دلچسپ ڳالهين بعد هتي هڪ اهم ۽ سڀ کان دلچسپ ڳالهه جو ذڪر ڪيئن ٿو وساري سگھجي، حضرت نوح عليه اسلام جي ٻيڙي جا آثار پڻ ترڪي ۾ موجود آهن،  1959ع ۾ الهان دروپينار نالي هڪ نقش نگار ترڪي جي ڊگوبايزيٽ علائقي ۾ هڪ جبل جي چوٽيءَ تي هن ٻيڙيءَ جي شڪل جو نقشو دريافت ڪيو. جنهن بعد آمريڪي محقق ۽ ترڪي سائنسدان حضرت نوح جي ٻيڙي دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، انهن وٽ ثبوت پڻ موجود آهي ته اها ٻيڙي حضرت نوح جي ئي آهي، جيڪا الله جي حڪم موجب هتي اچي بيٺي هئي.

ترڪي جي اسلامي تاريخ ۾ اهڙي خاص حيثيت ڏسي هتي صرف مسلمان نه مگر عيسائي توڙي ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ سياح به انهن جڳهين جو دورو ڪرڻ اچن ٿا، شايد ان جو وڏو سبب اهو به آهي ته اسلام جو خاص حصو هجڻ باوجود ترڪي پاڻ کي هڪ سيڪيولر ملڪ سڏي ٿو ۽ هي ملڪ پنهنجي شهرين توڙي سياحن کي مڪمل آزادي فراهم ڪري ٿو، جنهن سبب سياح ريسرچ توڙي تخليقي معاملن لاءِ هتان جو رخ ڪندا رهن ٿا. هتان جي حڪومت پڻ پنهنجي تاريخي اثاثن ۽ قديمي ماڳن جي سار سنڀال ذميواري سان ڪري رهي آهي، جنهن سبب سمورن ماڳن ڏانهن سفري رستا آسان هجڻ سميت اهي ماڳ محفوظ ۽ پرسڪون آهن،

[email protected]