Notes From Istanbul (Turkey) … تُرڪيءَ ۾ عورتن ۾ گل ونڊڻ جي رسم

0
244
Notes From Istanbul (Turkey) ... اسلامي تھذيب ۽ ترڪي

 عورتن جو عالمي ڏهاڙو اسان سڀني لاءِ پنهنجي آس پاس رهندڙ عورتن جي ڪاميابين کي ملهائڻ ۽ کين خودمختياري جو احساس ڏيارڻ جو خاص موقعو کڻي ايندو آهي. هي اهو ڏينهن آهي جنهن تي اسان عورتن جي حقن توڙي جدوجهد جون داستانون سموري دنيا تائين پهچائڻ چاهيندا آهيون. سياسي، سماجي، تعليمي، سائنسي، ثقافتي توڙي راندين جي دنيا ۾ عورتن جون ڪاميابيون سموري دنيا ۾ ساراهيون وينديون آهن. عورتن جي عالمي ڏينهن جي تاريخ تي نظر وجهبي ته اهو پهريون ڀيرو آمريڪا ۾ 1909ع ۾ ملهايو ويو، جنهن سال سوشلسٽ پارٽي آف آمريڪا نيويارڪ ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي.  ان بعد عورتن جي ڏهاڙي جو خيال يورپ ۾ تيزيءَ سان پکڙجي ويو، ۽ ڪيترن ئي يورپي ملڪن 1911ع ۾ عورتن جو پهريون عالمي ڏهاڙو ملهايو. 2000 جي شروعات کان وٺي، ترڪي ۾ عورتن جي حقن کي آهستي آهستي حاصل ڪيو ويو آهي، اهي قدم ترڪي يورپي يونين جو حصو بڻجڻ جي خواهش جي نتيجي ۾ پڻ کنيا.  مثال طور، 2004 ۾، ترڪي پنهنجي قانونن کي اپڊيٽ ڪيو ته جيئن عورتن جي انفراديت کي تسليم ڪيو وڃي، شادي جي قانوني عمر کي اٺن سالن تائين وڌايو، ۽ اهو طئي ڪيو ته شادي ۾ مرد ۽ عورت برابر آهن،  بعد ۾ 2012ع ۾ ترڪي استنبول ڪنوينشن تي به صحيحون ڪيون ويون جنهن  ۾ عورتن کي برابر حق ۽ حيثيت ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو. هاڻي هر سال ٨ مارچ تي تُرڪي جي شهر استنبول ۾ پڻ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويندو آهي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي نسبت سان رٿيل تقريبيون ءٍ گلن جي ڏي وٺ ڏسڻ وٽان هوندي آهي، هن ڀيري به عورتن جي عالمي ڏهاڙي جون تياريون هلي رهيون آهن. انهن تيارين جو مک شهر استنبول آهي.

اوهان کي اها ڳالهه دلچسب لڳندي ته ترڪي ۾ عورتن جي ڏهاڙي جي نسبت سان هڪ قديمي رواج اڄ به قائم آهي، جنهن موجب ۸ مارچ ته سمورن شهرن خاص طور تي استنبول ۾ آفيسن، اسڪولن، ڪاروباري مرڪزن، ادارن، سياحي جڳهين توڙي روڊن رستن تي عورتن کي گلن تا تحفا ڏئي ساڻن يڪجهتي ۽ برابري جو اظهار ڪرڻ سميت ان ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني ويندي آهي. جڏهن ته گلن جا اهي تحفا عورتن کي پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن سميت عام ماڻهن پاران پڻ ملندا آهن، جن کي عورتون خوش دليءَ سان قبول ڪنديون آهن. هتان جون سياسي پارٽيون عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي نڪرندڙ جلوسن جي خلاف نه آهن، ۽ حڪومت اهڙي ڏهاڙن تي عورتن لاءِ اٿندڙ آواز کي فروغ ڏيندي آهي. گذريل سال آئون ان ڏهاڙي تي استنبول جي تاڪسم اسڪوائر تي موجود هئس، اسڪوائر کان ۲ ڪلوميٽرن تائين پوليس جا دستا بيهاريا ويا هئا ۽ ان سموري علائقي ۾ عام گاڏين جي داخلا پڻ بند هئي. گهڻي پڇا ڳاڇا ڪرڻ کانپوِءِ معلوم پيو ته هڪ سماجي گروه جي اڳواڻ هتان ريلي ڪڍڻ جون تياريون ڪيون آهن، جنهن کي حڪومت آجيان ڪندي کين مڪمل پروٽوڪول، تحفط، ميڊيا ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪئي هئي. جنهن کان پوءِ اسين پڻ ان پرامن ريلي جو حصو ٿياسين.

ترڪي ۾ عورتن جي حقن لاءِ احتجاجن ۽ سرگرمين جي تاريخ ڊگهي آهي. هتي عورتن جي عالمي ڏينهن تي ريليون منعقد ڪيون وينديون آهن. عورتون خلاف ظلم تي انهن ريلين ۾ آواز اٿاريو ويندو آهي. ان جبر جا ڪجهه مثال آهن “گهريلو تشدد، هراساني ۽ مردن ۽ عورتن جي وچ ۾ “برابري”نه هجڻ.ترڪي ۾ عورتن کي سياسي، سماجي، تعليمي حقن سميت پر امن احتجاج ۽ ريليون ڪڍڻ جا جا حق ۽ آزادي حاصل آهي، هتان جون عورتون هر قسم جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. هي ملڪ عورتن جي حوالي سان مذهبي انتهاپسندي کان به آزاد آهي. هتي عورتون برقعي، اسڪارف، حجاب توڙي جينز ۽ اسڪرٽ ۾ به محفوظ ۽ پرسڪون زندگي ميسر ڪري رهيون آهن. عورتن جو عالمي ڏهاڙو هن ڀيري ڪجهه مختلف پڻ نظر ايندو. گذريل مهيني آيل زلزلي جون تباه ڪاريون اڃان به تازيون آهن، جنهن سبب ان قدرتي آفت هيٺ آيل شهرن ۾ عورتن جو ڏهاڙو مختلف انداز سان ملهايو ويندو. ان زلزلي ۾ ۱۵ لک کان وڌيڪ ماڻهون متاثر ٿيا اهن جڏهن ته ۱ لک جي آس پاس جانيون ضايع ٿيون آهن. زلزلي آفت آيل شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عورتن کي همٿائڻ لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن. ان سميت ترڪي جي رواج مطابق عورتن ۾ گل پڻ ونڊيا ويندا.عورتن جي ان ڏهاڙي تي آئون ترڪي جي هڪ شخصيت جو ذڪر ضرور ڪرڻ چاهينديس. سندس نالوتانسو چلر آهي، جيڪا ترڪيءَ جي اڳوڻي وزيراعظم جي حيثيت ۾ ڪائونسل آف وومن ورلڊ ليڊرس جي به ميمبر رهي، جيڪو موجوده ۽ اڳوڻين عورت وزيراعظمن تي مشتمل عالمي نيٽ ورڪ آهي، جنهن جو مقصد سڄي دنيا ۾ اعليٰ عهدن تي ويٺل عورت اڳواڻن کي عورتن جي حقن ۽ سندن منصفاڻي ترقيءَ وارن مسئلن تي اجتماعي طور قدم کڻڻ لاءِ سرگرم ڪرڻ آهي. تانسو چلر 24مئي 1946ع تي استنبول ۾ جنم ورتو ۽ 1993ع کان 1995ع تائين ترڪي جي پهرين عورت وزيراعظم رهي. هوءَ محترمه شهيد بينظير ڀٽو ۽ بنگلاديش جي خالده ضياءَ کان پوءِ ڪنهن مسلم ملڪ جي ٽين عورت وزيراعظم هئي. 20 هين صدي ءَ ۾ جيڪي عورتون مختلف ملڪن جو سربراهه رهيون، تن مان هوءَ ايڪٽيهين عورت سربراهه هئي. شهيد بينظير صاحبه جڏهن ٻئي دؤر ۾ پاڪستان جي وزيراعظم هئي، ان وقت ترڪي ۾ تانسو چِلر ساڳئي عهدي تي ڪم ڪري رهي هئي. تانسو چِلر سياستدان هئڻ سان گڏ اقتصادي ماهر پڻ رهي آهي. 2002ع ۾ ترڪيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عام چونڊون ڪرايون ويون ته سندس پارٽيءَ پڻ چونڊن ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو. هن ڀيري چونڊن ۾ سندس پارٽيءَ کي شڪست ملي، جنهن کان پوءِ هن سياست تان ريٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو. تانسو چلر، مٿس ڪرپشن جي لڳل الزامن جي باوجود، پنهنجي ترقي پسند، سيڪيولر ۽ لبرل سوچ سبب ترڪيءَ جي عورتن لاءِ رول ماڊل رهي آهي. 1992ع ۾ لبيا جي سربراهه معمر ڪرنل قذافيءَ کيس ”اسلامي عورتن جي لاءِ هڪ ماڊل“ قرار ڏنو هو. سياست ۾ سندس اچڻ ڄڻ ته ترڪيءَ جي ماڻهن جي لاءِ هوا جو جھوٽو سمجھيو ويو هو. هوءَ خوش لباس هئڻ سبب مقبول هئي. تنهنڪري هن سياست ۾ پڻ گليمر آندو هو، کيس جديد ترڪيءَ جي علامت پڻ چيو ويو.

[email protected]