غير معياري ڪڪڙا وڪرو، مٽياري ضلعي اندر هڪ لک ايڪڙن تي پوکيل وونئڻ کي سخت نقصان

0
45
غير معياري ڪڪڙا وڪرو، مٽياري ضلعي اندر هڪ لک ايڪڙن تي پوکيل وونئڻ کي سخت نقصان
غير معياري ڪڪڙا وڪرو، مٽياري ضلعي اندر هڪ لک ايڪڙن تي پوکيل وونئڻ کي سخت نقصان

مٽياري (رپورٽ: ڪامران ميمڻ) ضلعي مٽياري ۾ هڪ لک ايڪڙ تي پوکيل ڪپهه جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ، آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا، سنڌ هر سال جي ڀيٽ ۾ هن سال 4 لک ايڪڙ گهٽ ڪپهه جو فصل پوکيو ويو آهي، جڏهن مارڪيٽ مان غير معياري، نقلي ٻج سبب ۽ شديد گرميءَ سبب فصل گل ۽ گوگڙا نه جھليا آهن

آبادگارن جو چوڻ آهي مارڪيٽ ۾ اڻ رجسٽرڊ، اڻ ٽيسٽ ٿيل ٻج جي وڪري ٿيڻ سبب وڏو نقصان پهتو آهي، اڳ ئي هن دفعي پوري سنڌ ۾ ڪپهه جو فصل 40 سيڪڙو گهٽ پوکيو ويو آهي، ڪيترن ئي آبادگارن پاران سارين جو فصل پوکيو ويو آهي، جڏهن هن ڀيري پوري سنڌ ۾ سارين جي پوکي 40 سيڪڙو وڌيڪ ٿي آهي

سنڌ اندر 18 لک ۽ پنجاب اندر 70 لک ايڪڙن تي سارين جو فصل پوکيو ويو آهي، سنڌ ۾ غير معياري ٻج سبب ڪپهه جي فصل وڏو نقصان ٿيو آهي، ان حوالي سان زراعت کاتي ڪي به اُپاءُ ناهن ورتا، ڪٿي به نقلي ۽ غير معياري ٻڄ وڪري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. جڏهن ته عملدار رڳو پگهارون کڻڻ ۾ پورا آهن.

هن سال سنڌ ۾ ڪپهه جي پوکي گهٽ ٿي آهي: آبادگار

مٽياري: سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ سيد نديم شاهه جو چوڻ آهي ته ڪپهه جي فصل هن ڀيري شديد گرميءَ سبب به گهٽ اپت ڪئي آهي، مٿان وري جهڙالي موسم ڪارڻ به گل ڇڻن ٿا، جنهن ڪري به وڏو فرق پيو آهي، ڪيترن ئي آبادگارن پنهنجو رکيل ٻڄ به پوکيو آهي  پر هن ڀيري سنڌ اندر ڪپهه جي پوکي هر سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿي آهي، ڇو جو پوئين سال سارين جو اگهه وڌيڪ هيو ۽ ڦٽيءَ جو اگهه گهٽ هو ته آبادگارن به هن ڀيري ساري وڌيڪ پوکي آهي.

قرضي ٿي ويا آهيون، هاڻ وونئڻ نه پوکينداسين: هاري

مٽياري:  مٽياري جي آبادگارن نانا نويد احمد سمون جو چوڻ آهي ته ڦٽين جو فصل اڳ في ايڪڙ 30 کان 35 مڻ اپت ڏيندو هو هن وقت 2 کان 3 مڻ اپت ٿي رهي آهي، اهو سڄو معاملو غلط ٻج ۽ موسم جو ڪارڻ آهي، جنهن ڪري هاڻ اسان آئندي ڪپهه جو فصل نه پوکينداسين، هن وقت ڪپهه جي فصل پوکڻ تي في ايڪڙ سٺ هزار خرچ آهي، جنهن تي زميندار ۽ هاري ٻئي قرضي ٿيندا ٿا وڃن، هڪڙا ٻڄ نقلي ٻيو وري وڏا ريٽ رکيا اٿن جنهن ڪري وڏو نقصان ٿيو آهي