نان فائلرز مٿان اهڙيون پابنديون مڙهيون وينديون جو اهي گهڻا ڪم ئي نه ڪري سگهندا: ناڻي وارو وفاقي وزير

0
26

واشنگٽن(م ڊ) هاڻي ٽئڪس نه ڏيندڙن تي اهڙيون پابنديون لڳايون وينديون جو گهڻا ڪم نه ڪري سگهندا

آءِ ايم ايف مان قرض منظور ٿيڻ بعد ناڻي جي وفاقي وزير نوِن قدمن جو اعلان ڪري ڇڏيو، پگهاردار طبقي تي وڌل ٽئڪسز جو بار گهٽائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جو واعدو ڪيو ويو

آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ۾  محمد اورنگزيب چيو ته زراعت، ريئل اسٽيٽ، ريٽيلرز ۽ هول سيلرز سوڌو ٽئڪس کان ٻاهر شعبن کي ٽئڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو، ماڻهو چون ٿا منڊيون ۽ ريئل اسٽيٽ جو ڪم رُڪجي ويندو، اُهي ٺيڪ چون ٿا، پر ملڪ ۾ هاڻي نان فائلرز جي ڪابه گنجائش نه آهي

ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت وٽ معاشي سڌارن کانسواءِ ٻيو ڪوبه آپشن ناهي، آمريڪا جي مدد ۽ چين جو سهڪار آءِ ايم ايف قرض پروگرام جو سبب بڻيا