ھالا (رپورٽ: اڪرم کوکر) نينگري قتل ۾ عورت به ملوث قرار، گرفتار جوابدار جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ھالا ڀرسان 9 ورهين جي معصوم نينگري عذرا چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار ميانداد چانڊيو ھالا ٿاڻي تي ڏوھ جو اعتراف ڪندي ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته 9 ورھين جي معصوم نينگري عذرا چانڊيو اسان جي گھران روز ماني کڻڻ جي لاءِ ايندي هئي، کيس ھڪ ڏينھن ماني کڻڻ لاءِ نه اچڻ تي آئون گھران سڏ ڪرڻ جي لاءِ ويس، نينگري گھران ٻاھر نڪتي ته آئون نينگري کي وات تي ھٿ ڏئي جوئر جي فصل ۾ وٺي ويس، جتي عورت عائشا ملاح کي اڳ ۾ آئون ويھاري آيو ھيس ۽ اسان پاڻ ۾ صلاح ۾ ھئاسون، جتي اسان نينگري کي ڪابو ڪري ڪنن مان سونيون واليون لاٿيو ته نينگري چيو ته مونکي منھنجون واليون واپس ڏيو نه ته آئون پنھنجي مائٽن کي ٻڌائيندس، ان ڪري مون ۽ عائشا ملاح نينگري کي گھٽا ڏئي سندس مٿي جي پوتي سان کيس ڦاھو ڏئي ھن کي قتل ڪري اسان ھليا وياسين.
مقتولا نينگري جي پيءُ جو ايس ايس پي آڏو سخت احتجاج
ھالا: ايس ايس پي مٽياري سيد اصغر شاھ جي پريس ڪانفرنس دوران قتل ٿيل نينگري عذرا چانڊيو جي پيءُ ايوب چانڊيو ايس ايس پي اڳيان سخت احتجاج ڪندي چيو ته منھنجي نينگري عذرا کي جوابدارن بيدردي سان قتل ڪري جوئر جي فصل ۾ ڦٽو ڪيو ويو، مونسان وڏو ناحق ٿيو آھي ھن واقعي ۾ ٻيا به جوابدار ملوث آھن، جاچ جو دائرو وڌائي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي، هن چيو ته کين جانين جو خطرو آهي، نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
قتل ۾ ملوث عورت جو نالو به ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيو ويندو: ايس ايس پي مٽياري
ھالا: ايس ايس پي مٽياري سيد اصغر شاھ قتل ٿيل نينگري جي ڳوٺ سندس وارثن وٽ پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 5 ڏينھن اڳ 9 ورھين جي معصوم نينگري عذرا چانڊيو کي جوابدارن پاران گھٽا ڏئي قتل ڪيو، مک جوابدار گرفتار آهي، قتل ۾ ملوث ھڪ عورت عائشا ملاح جو نالو به ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيو ويندو
معصوم نينگري کي بيدردي سان قتل ڪري لاش فصل ۾ ڦٽو ڪيو ويو هو
ھالا: 5 ڏينھن اڳ 9 ورھين جي معصوم نينگري عذرا ڌيءُ ايوب چانڊيو کي جوابدارن گھٽا ڏئي سندس مٿي جي پوتي سان ڦاھو ڏئي قتل ڪرڻ بعد سندس ڪنن مان سونيون واليون ۽ نڪ مان سونو ڪوڪو لاھي ڳوٺ جي زرعي زمين جوئر جي فصل ۾ نينگري جو لاش ڇڏي جوابدار فرار ٿي ويا ھئا