نون چونڊيل ميمبرز جي حلف برداريءَ لاءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، سيڪيورٽي سخت

0
65
نون چونڊيل ميمبرز جي حلف برداريءَ لاءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، سيڪيورٽي سخت
نون چونڊيل ميمبرز جي حلف برداريءَ لاءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، سيڪيورٽي سخت

نون چونڊيل ميمبرز جي حلف برداريءَ لاءِ اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جاري، 168 ميمبرز جي ايوان ۾ اڄ 148 ميمبرز حلف کڻي رهيا آهن

 پيپلزپارٽي جو نامزد وڏو وزير مراد علي شاهه، فريال ٽالپر، شرجيل انعام ميمڻ، سردار شاهه ۽ ٻيا ميمبر ايوان ۾ موجود، اليڪشن ڪميشن 163 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري چڪي آهي

جي ڊي اي جا 3، جماعت اسلامي جو هڪ ۽ 9 آزاد اميدوار احتجاج طور اڄ حلف نه کڻندا پيپلز پارٽي جا 114 ۽ ايم ڪيو ايم جا 36 ميمبر حلف کڻندا

 پيپلزپارٽي جي نامز د وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄ ميمبر حلف کڻندا، سڀاڻي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، وڏي وزير جي چونڊ 26 فيبروري سومر ڏينهن ٿيندي