نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيارعلي نهڙيو) نئون ڪوٽ جي تاريخي قلعي ڀرسان انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو جتي جوابدار جمن کوسو پنهنجي جيجل ماءُ کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، لڄالٽ جو نشانو بڻيل ماءُ وڄوٽو ٿاڻي تي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته رات دير سان پٽ جمن کوسو مون سان زيادتي ڪئي، منٿون ڪرڻ ۽ ماءُ جي رشتي جو احساس ڏيارڻ باوجود جنوني پٽ 2 ڀيرا زيادتي جو نشانو بڻايو، آئون مارڻ جي ڊپ کان خاموش رهيس، ڊپ وچان لڪي رات ٿاڻي پهتي آهيان هن چيو ته اهڙو جنوني شخص پٽ سڏرائڻ جو حقدار ناهي کيس جيل اماڻي سزا ڏني وڃي، پوليس ماءُ سان لڄالٽ جي الزام هيٺ آيل جوابدار جمن کوسو کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس موجب جوابدار ڏوھ باسي ورتو ورتو آهي، زيادتي جو نشانو بڻايل ماءُ ۽ سندس پٽ کي طبي چڪاس لاءِ مٺي سول اسپتال اماڻيو ويو آهي، جلد جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.