نئون ڪوٽ: هاڪڙي درياھه جي گهاري جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، بيمارين ڪر کنيو، ٻارڙو فوت

0
37
نئون ڪوٽ: هاڪڙي درياھه جي گهاري جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، بيمارين ڪر کنيو، ٻارڙو فوت
نئون ڪوٽ: هاڪڙي درياھه جي گهاري جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، بيمارين ڪر کنيو، ٻارڙو فوت

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نهڙيو) نئون ڪوٽ جي ملاح پاڙي مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري رهواسي عذاب واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي ويا، متاثر پوڙهو ملاح، الھبچايو ملاح، رجب ڀٽي ۽ ٻين چيو ته 10 ڏينهن اڳ هاڪڙي درياھ کي لڳل گهاري جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي

هن وقت به گھرن ۾ ٽي فٽ کان وڌيڪ پاڻي بيٺل هئڻ ڪري مڇرن جي آزار سبب سوين ٻارڙا گيسٽرو، چمڙي جي بيمارين ۽ مليريا ۾ وٺجي ويا

مليريا سبب  6 ورهين جو ٻارڙو دلشاد ولد جمعون ملاح فوت ٿي ويو جنهن جو لاش دفنائڻ لاءِ هڪ ڪلوميٽر تائين 3 فٽ بيٺل پاڻي مان  گذري قبرستان پهتاسين، هنن چيو ته 10 ڏينهن اڳ هاڪڙي درياھه کي گھارو لڳڻ جي صورت ۾ نئون ڪوٽ جي هريجن ڪالوني، ملاح پاڙو، مغيري پاڙو پاڻي هيٺ اچي ويا هئا

انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن پاران ڪابه واهر نه ڪئي وئي آهي نه ئي پاڻي نيڪال ڪرڻ ڪي اپاءَ ورتا ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪري بيمار مريضن جو علاج ڪيو وڃي