نوابشاهه جي عدالت پاران اسماعيل ڏاهري ۽ سندس ڀاءُ کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

0
82
نوابشاهه جي عدالت پاران اسماعيل ڏاهري ۽ سندس ڀاءُ کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار
نوابشاهه جي عدالت پاران اسماعيل ڏاهري ۽ سندس ڀاءُ کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

نوابشاهه جي عدالت پاران اسماعيل ڏاهري ۽ سندس ڀاءُ علي رضا کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش نه ڪرڻ تي سکر ۽ لاڙڪاڻو جيل انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار، ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج نوابشاهه جي عدالت ۾ اسماعيل ڏاهري ۽ سندس ڀاءُ جي دولتپور ٿاڻي تي داخل جهيڙي جي ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جوابدارن جي وڪيلن سچل مجيب ماڇي ۽ مختيار رند عدالت کي ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود اسماعيل ڏاهري ۽ علي رضا ڏاهري کي ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه پيو ڪيو وڃي، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسماعيل ڏاهري ۽ سندس ڀاءُ کي وڊيو لنڪ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، گذريل مهيني اسماعيل ڏاهري کي منشيات ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ گرفتارڪيو ويو هو، حيدرآباد جي عدالت پاران ضمانت منظور ڪرڻ بعد اسماعيل ڏاهري ۽ سندس ڀاءُ علي رضا کي گرفتار ڪيو ويو هو