گرونانڪ جي جنم ڏهاڙي تي ننڪانه صاحب ويل لاڙڪاڻي واسي واپاري ڦر مزاحمت تي قتل

0
14
گرونانڪ جي جنم ڏهاڙي تي ننڪانه صاحب ويل لاڙڪاڻي واسي واپاري ڦر مزاحمت تي قتل
گرونانڪ جي جنم ڏهاڙي تي ننڪانه صاحب ويل لاڙڪاڻي واسي واپاري ڦر مزاحمت تي قتل

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي واسي دوائن جو ڪاروبار ڪندڙ هندو واپاري پنجاب جي شهر ننڪانه صاحب ۾ ڦر دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، شهر جي دڙي محلا ڳاڙهو  بنگلو واري علائقي جو رهواسي دوائن جو هول سيل دڪان هلائيندڙ واپاري چئن ٻارن جو والد راجيش روهڙا گذريل سومر ڏينهن پنهنجي ڪٽنب سميت پنهنجي ڪار ۾ پنجاب جي شهر ننڪانه صاحب ۾ سکن جي روحاني پيشوا بابا گرونانڪ جي 555 هين جنم ڏڻ جي موقعي تي رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويل هو جتي هو ،پنهنجي ڪٽنب ۽ دوست سان گڏجي لاهور کان ٿي واپس ننڪانه صاحب اچي رهيو هو ته ننڪانه صاحب ڀرسان ٽول پلازه ڀرسان موٽرسائيڪل تي سوار ٻن اڻڄاتل هٿياربند سندن جي ڪار روڪي سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦرلٽ ڪري واپس وڃي رهيا هئا جنهن دوران هٿياربندن ڪار جي پٺئين پاسي کان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار هندو واپاري راجيش روهڙا سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور کڻائي ننڪانه صاحب اسپتال نيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، اهڙي واقعي جو اطلاع مقتول واپاري جي وارثن فون ذريعي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير پنهنجي گهر ڀاتين، مٽ مائٽن ۽ هندو برادري جي اڳواڻن کي ڏنو جن ۾ ڏک واري لهر ڇائنجي وئي، جن طرفان مقتول واپاري جو تڏو وڇايو ويو، جتي هندو برادري سميت مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن تڏي تي پهچي وارثن سان گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ان حوالي سان مقتول واپاري راجيش روهڙا جي ڀاءُ نريش ڪمار ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ راجيش ڪمار شهر جي سيال شاپنگ سينٽر ۾ دوائن جي هول سيل جو دوڪان هلائيندو هيو جيڪو گذريل اڱاري تي پنجاب شهر جي ننڪانه صاحب ۾ بابا گرونانڪ جي 555 هين جنم ڏڻ جي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪار تي ننڪانه صاحب ويل هيو جتي هو گذريل اربع ڏينهن ڏينهن پنهنجي گهر واري، ٻن ٻارن ۽ سنڍو سميت دوائن جي ڪمپني جي ملازم شيخوپوره واسي دوست جي دعوت تي لاهور ويو جتان ننڪانه صاحب واپسي تي سندس دوست ننڪانه صاحب وٺي وڃي رهيو هو ته ننڪانه صاحب ٽول پلازه ڀرسان موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربند ڦورن کانئنس سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦرلٽ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهچي ۽ ڦورن کي ڏسي سڃاڻي رڙيون ڪيون جنهن تي هٿياربند ڦورن ڪار جي پٺين پاسي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ منهنجو ڀاءُ راجيش روهڙا سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور ننڪانه اسپتال منتقل ڪيو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، هوڏانهن مقتول هندو واپاري جو مڙهه رات دير سان ننڪانه صاحب کان لاڙڪاڻي شهر دڙي محلا ڳاڙهو بنگلو واري علائقي ۾ آندو ويو جتي مقتول جا گهر ڀاتي لاش سان چنبڙي زارون قطار روئيندا رهيا.