مستونگ/شهدادڪوٽ/ اسلام آباد(رپورٽ: امير علي مڱڻهار+م ڊ+ بيورو رپورٽ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ گرلز هاءِ اسڪول ٻاهران پوليس موبائل تي بم ڌماڪو ٿي پيو، اسڪول ويندڙ 5 ٻار، پوليس اهلڪار ۽ واٽهڙو سوڌو 9 ڄڻا مارجي ويا
اسڪولي ٻارن سوڌو 35 ماڻهو زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ 5 اسڪولي ٻار ھڪ پوليس اهلڪار حفيظ الله ڊومڪي ۽ ھڪ شھري حمزاه رند شامل آھن
مستونگ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جا نالا امان الله، عائشه، امام، دلدار، اختر، انيس، عبدالرزاق، تنوير، نثار، امجد، شاھد، بيبي يسرا، بيبي طوطيا، بيبي زويا، محمد اقبال، عبدالقدير، محمد حنيف، ريان علي، نور الله، عبدالرزاق، ۽ محمد مزمل سميت ٻيا شامل آھن
مارجي ويل ۽ زخمي ٻارن جي عمر 10 کان 13 سالن تائين آهي، پوليس موجب ريموٽ ڪنٽرول وسيلي ڌماڪو ڪيو ويو، موٽر سائيڪل ۾ 8 کان 10 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو نصب ٿيل هو، حملي جو هدف پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪار هئا، ڌماڪي ۾ ٻن گاڏين، رڪشا، موٽر سائيڪلن، اسڪول ۽ لائبريري جي عمارتن کي نقصان ٿيو
وقتي صدر يوسف رضا گيلاني ۽ وزيراعظم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته اسڪولي ٻارن کي نشانو بڻائڻ بلوچستان ۾ دهشٽگردن جي تعليم دشمني جو ثبوت آهي
دهشتگرد سزائن کان بچي نه ٿا سگهن، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته معصوم ٻارن ۽ بيگناهه ماڻهن جي خون جو حساب ورتو ويندو، دهشتگردن تي نظر رکڻي پوندي