مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ڀرسان ڇتن ڪتن جو ڪلور، 2 اسڪولي ٻارڙا ڏاڙهجي فوت، علائقي ۾ خوف هراس، والدين ٻارڙن کي ڪتن جي ڊپ کان اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، خبر موجب يوسي مناھي ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن ڪلور ڪري ڇڏيا آھن، ڪالهه ڳوٺ مناهي ڇتن ڪتن اسڪولي شاگرد 15 سالا معين ولد محمد ياسين سولنگي ۽ مير علي ولد وسايو سولنگي کي چڪي زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا، رھواسين جو چوڻ آھي ته يوسي مناھي جي بجيٽ خبر ناهي ته ڪٿي خرچ پئي ٿئي، چونڊيل نمائندا ڪٿي خرچ ڪري رھيا آھن، سيڪريٽري گم آهي، اسان دانھون ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر ڪو به تدارڪ ڪرڻ وارو ناھي، هنن چيو ته علائقي ۾ ڇتن ڪتن جو آزار تمام گھڻو وڌي ويو آھي پر انتظاميا ڪجهه نه پئي ڪري، روزانو ڪيترائي ماڻھو توڙي اسڪول ويندڙ شاگرد ۽ نياڻيون چڪڻ سبب زخمي ٿين ٿا، ڇتن ۽ رولو ڪتن جي خوف کان پنھنجي ٻارڙن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آھي، رھواسين انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته جلد مناھي ۾ ڪتا مار مھم شروع ڪرائي وڃي.