عمرڪوٽ (رپورٽ: الياس ٿري) عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ راڻا جاگير ۾ جوابدار سترام پٽ ٻيجل ميگھواڙ پاران پنھنجن ٻن ننڍن ڀائٽين کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري مامري جو جوابدار چاچي سترام مينگھواڙ تي سندس ڀاءُ راجيش ڪمار جي فرياد تي قتلجو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ۽ عمرڪوٽ پوليس جوابدار سترام مينگھواڙ کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪري ٽن ڏينھن جو رمانڊ حاصل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي جنھن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري آھي، معصوم ٻن ٻارڙن جا ھڪ ئي وقت گڏيل طور جنازا کڄڻ تي گھر ۾ روج راڙو ۽ ڪھرام مچي ويو جڏھن ته ماحول سوڳوار بڻجي ويو، قتل ٿيل سندر پٽ جيوڻ ۽ نريش پٽ راجيش جي تدفين لاء مڙھ قبرستان نيا ويا ته ان وقت انتھائي ڏکوئيندڙ ۽ جيءُ جھوريندڙ منظر بڻجي ويو سسڪين آھن ۽ ڪيھن رڙين سان معصومن کي الوداع ڪيو ويو معصوم ڏيڍ سال جي سُندر جي وحشي جوابدار گچي ڪپي سر سسي کان ڌار ڪيو ھو جنھن معصوم جي مُنڍي ڪالھ جمعي ڏينھن صبح واري وقت جھنگ مان ھٿ ڪئي وئي آهي، اطلاع تي پوليس پھچي مُنڍي کڻائي سول اسپتال عمرڪوٽ جي ڊاڪٽرن کان ڏيکاري رپورٽ وٺڻ بعد واپس وارثن حوالي ڪئي، معصوم سندر جي عمر ڏيڍ سال ۽ نريش جي عمر اڍائي سال ھئي جوابدار ڪھاڙين جا وار ڪري ٻنھي کي قتل ڪيو ۽ لاش جھنگ ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو هو جنھن کي ڳوٺاڻن عمرڪوٽ جي راما پير چوڪ تان پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ھو، ايس ايڇ او سٽي عطا محمد لغاري جو چوڻ آھي ته سترام مينگھواڙ ڪاوڙ ۽ گھرو تڪرار تان اھڙو عمل ڪيو آھي جيڪا شروعاتي جاچ ۾ ڳالهه سامھون آئي آھي، سترام جي زال کيس ڇڏي وئي ھئي ۽ سندس سالي پنھنجي ڀاءُ راجيش جي گھرواري آھي جنھن جو معصوم پٽ به ھن قتل ڪيو آھي اڃان جاچ ڪريون پيا فلحال شروعاتي طور اھو معلوم ٿيو آھي ته معاملو گھرو تڪرار سبب ٿيو آھي سترام آٽا چڪي تي مزدوري ڪندو ھو پئسا ڪمائي گھر ڏيندو ھو.
جوابدار واقعي بعد فرار ٿيو، ڳوٺاڻن عمرڪوٽ مان پڪڙي ورتو
عمرڪوٽ: جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويو ھوڳوٺاڻن موجب ڇور روڊ کان ٿيندو نماڻو شاھ روڊ کان پيادل رلندو ڀڄندو وڃي عمرڪوٽ جي راما پير چوڪ تي پھتو جتي پويان ڳوٺاڻا پڇائون ڪندي اچي رسيا ۽ پڪڙي پوليس حوالي ڪيو.
واقعي ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي پوليس هٿ ڪري ورتي
عمرڪوٽ:جوابدار سترام مينگھواڙ جنھنڪھاڙي سان اھڙو دردناڪ قتل جو واقعو ڪيو اھا ڪھاڙي پوليس تحويل ۾ ورتي آھي ذريعن موجب عمرڪوٽ پوليس واقعي جا سبب معلوم ڪرڻ لاء مختلف رخن سان جاچ ڪري رھي آھي .