مورو جي آرٽسٽن پاران “انتھاپسندي کان آجي سنڌ” تحت ايڪتا ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان

0
11
مورو جي آرٽسٽن پاران “انتھاپسندي کان آجي سنڌ” تحت ايڪتا ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان
مورو جي آرٽسٽن پاران “انتھاپسندي کان آجي سنڌ” تحت ايڪتا ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان

مورو (ن پ ا) فنڪارن ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي طرفان پھرين ڊسمبر تي انتھا پسندي کان آجي سنڌ جي عنوان هيٺ ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جي ڀرپور حمايت  ڪئي آهي ۽ ڏهاڙو ڌام ڌوم سان ملهائڻ جو وچن ورجايو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ اڳواڻ مير خادم ملاح چيو ته اسان سنڌين ھميشه امن، محبت پيار، پنھنجائپ، ڀائيچاري ۽ ٻڌي سان رھڻ کي اوليت ڏني آھي، اسان انتھا پسنديءَ کان پاڪ سنڌ چاھيون ٿا، جتي امن ھجي، مورائي گروپ (مورائين جي اوطاق) پاران پڻ انتھا پسنديءَ کان آجي سنڌ جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي آھي ۽ 23 تاريخ تي تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنھن ۾ سنڌ جا ناليوارا فنڪار سجاد يوسف، طاھر مٺو، ماسٽر ولي، اعجاز خاصخيلي، رئوف مگسي، حبدار سخيراڻي، سرور سخيراڻي ۽ ٻيا فن جو مظاھرو ڪندا، ان سلسلي ۾ حاجي اڪبر اوٺو، سيد ڪوڙل شاھ، سجاد علي مستوئي، امير ۽ ٻين چيو ته ايڪتا ڏهاڙو اسان لاءِ عيد جيان آهي، ان کي ڀرپور نموني ملهائينداسين.