پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 10 هزار مدرسا، شاگردن ۾ ڪي پي اڳتي، 12 لک طالب

0
50
پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 10 هزار مدرسا، شاگردن ۾ ڪي پي اڳتي، 12 لک طالب
پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 10 هزار مدرسا، شاگردن ۾ ڪي پي اڳتي، 12 لک طالب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ اندر رجسٽرڊ مدرسن ۾ پڙهندڙ شاگردن جو تعداد 22 لکن کان وڌي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي جن ۾ اڌ کان وڌيڪ شاگرد رڳو اڪيلي ڪي پي ڪي صوبي ۾ هجڻ سان گڏ ڪي پي ڪي صوبو مدرسن جي شاگرد رکڻ ۾ سڀني کان اڳڀرو صوبو بڻجي ويو آھي

وفاقي تعليم واري وزارت جي پنهنجي اخبار وٽ موجود دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ملڪ اندر رجسٽرڊ مدرسن جو تعداد 17 هزار 738 آھي جنهن ۾ پنجاب صوبي ۾ 10 هزار 12 ، سنڌ ۾ 2416، بلوچستان ۾ 575 ، ڪي پي ڪي ۾ 4005 ، آزاد ڪشمير ۾ 445 ، اسلام آباد ۾ 199 ۽ گلگت ۾ 86 رجسٽرڊ مدرسا شامل آھن

وفاقي تعليم وزارت جي دستاويز ۾ اهو به ٻڌايو ويو آھي پنجاب جي رجسٽرڊ مدرسن ۾ 6 لک 64 هزار 65 ، سنڌ جي رجسٽرڊ مدرسن ۾ 1 لک 88 هزار 182 ، بلوچستان جي رجسٽرڊ مدرسن ۾ 71 هزار 815 ، ڪي پي ڪي جي رجسٽرڊ مدرسن ۾ 12 لک 83 هزار ، 24 ، آزاد ڪشمير ۾ 26 هزار 787 ، اسلام آباد جي مدرسن ۾ 11 هزار 301 ، گلگت جي مدرسن ۾ 4346 شاگرد پڙهي رهيا آھن