واشنگٽن(م ڊ) پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان وڌيڪ هڪ ارب فنڊنگ لاءِ باضابطه درخواست ڏئي ڇڏي، اهو فيصلو آءِ ايم ايف جي ان خاص مڪينزم مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي
واشنگٽن ۾ برطانوي خابرو ايجنسي سان ڳالهائيندي پاڪستان جي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آر ايس جي نالي سان قائم اهو مڪينزم گهٽ ۽ وچولي آمدني وارا ملڪ پنهنجي معيشتن کي ٻاهرين لوڏن کان بچائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن، اسين آءِ ايم ايف کي پئسن لاءِ باضابطه رسمي درخواست ڏئي ڇڏي آهي
ناڻي وارو وفاقي وزير آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪي گادي واري هنڌ ۾ موجود آهي. عالمي مالياتي فنڊ گذريل مهيني پاڪستان لاءِ خاص بيل آئوٽ پيڪيج جي منظوري ڏني هئي، آءِ ايم ايف جي ريزيلينس اينڊ سسٽينيبلٽي ٽرسٽ ذريعي وڌيڪ فنڊنگ جي به گنجائش آهي، يعنيٰ پاڪستان چاهي ته باضابطه درخواست داخل ڪري عالمي اداري کان فنڊنگ گهري سگهي ٿو
انترويو ۾ ناڻي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پگهاردار طبقي جي مشڪلاتن کان آگاهه آهيون انهن مٿان وڌيڪ ٻوجهه نٿا وجهي سگهون. صنعتي شعبو به ٽيڪس جي وڌ کان وڌ حد تائين پهچي چڪو آهي، زرعي آمدني سان ٽيڪس جي وصولي بهتر ڪرڻي پوندي، ريئل اسٽيٽ، ريٽيلز سيڪٽرز کان ٽيڪس آمدني وڌائڻي پوندي
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ 52 لکن کان وڌيڪ انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ٿيا آهن ٽيڪس بيس ۾ 29 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. سرڪاري ڪارپوريشنز ۾ چوري روڪڻي پوندي، ٽيڪس چوري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿي ڪري سگهجي
ٻئي طرف عالمي مالياتي اداري آءِ ٽي سي ايف به پاڪستان کي ٽن سالن ۾ 3 ارب ڊالر قرض ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن مان 26 ڪروڙ 90 لک ڊالر قرض فوري طور ملندو