موهن جو دڙو: سنڌوءَ ۾ چاڙهه، هڪڙا بچاءَ بند تي دٻاءُ، 30ڳوٺ پاڻي هيٺ، فصل لڙهي ويا، لڏپلاڻ

0
122
موهن جو دڙو: سنڌوءَ ۾ چاڙهه، هڪڙا بچاءَ بند تي دٻاءُ، 30ڳوٺ پاڻي هيٺ، فصل لڙهي ويا، لڏپلاڻ
موهن جو دڙو: سنڌوءَ ۾ چاڙهه، هڪڙا بچاءَ بند تي دٻاءُ، 30ڳوٺ پاڻي هيٺ، فصل لڙهي ويا، لڏپلاڻ

موهن جو دڙو (رپورٽ: معشوق ڏيرو) موهن جو دڙو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مسلسل 8 ڪلاڪ تائين برسات بعد سنڌو درياهه ۾ چاڙهه اچي ويو

هڪڙا بچاءَ بند، ٻَلهڙِيجي پتڻ وٽان ڪچي ۾ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، درگاهه نور شاهه وٽان پاڻي ڪپرن کي پائڻ لڳو، جڏهن ته تِرن جو فصل مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويو ۽ بچاءُ بندن وٽان پاڻي جو دٻاءُ برقرار آھي

سنڌوءَ ۾ چاڙهه سبب ڪچي جا 30 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ تِرن جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، ڳوٺاڻا ٻيڙين ذريعي لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي، سرڪاري سطح تي ڳوٺاڻن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ انتظاميا پاران ڪو به تحرڪ نه ورتو، ويو

ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته لکين روپين جا فصل لُڙھي ويا آھن ۽ گهرن ۾ پيل قيمتي سامان به پاڻي ۾ لڙهي ويو، هنن چيو ته انتظاميا ڪا به مدد نه ڪئي آهي، هنن ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي مدد ڪئي وڃي