ملير جي تڪ اين اي 231 تي ٻيهر ڳڻپ دوران اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ جهيڙو: بيلٽ پيپرن کي باهه

0
20
ملير جي تڪ اين اي 231 تي ٻيهر ڳڻپ دوران اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ جهيڙو: بيلٽ پيپرن کي باهه
ملير جي تڪ اين اي 231 تي ٻيهر ڳڻپ دوران اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ جهيڙو: بيلٽ پيپرن کي باهه

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ملير جي تڪ اين اي 231 تي چئن پولينگ اسٽيشن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ گوڙ ڪيو ويو, جنهن بعد شرپسندن آفيس ۾ گهڙي بيليٽ بوڪس ۽ ووٽن واري ٻورين کي باهه ڏني وئي, اهڙي عمل بعد اليڪشن ڪميشن جي عملي پاران ووٽن جي ڳڻپ واري عمل روڪيو ويو, اليڪيشن ڪميشن ۾ صبح 10 وڳي ووٽن جي ڳڻپ شروع ڪئي وئي، ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿيندي ئي پ پ ۽ پي ٽي آ۽ جي ڪارڪنن پاران گوڙ ڪيو ويو, شر پسندن پاران اليڪشن آفيس ۾ گهڙي ووٽن جا ٻورا ساڙيا ويا، ياد رهي ته سنڌ ها۽ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل پاران قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 231 جي چئن پولنگ اسٽين تي اڄ ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ جو حڪم جاري ڪيو هو,  پولنگ اسٽيشن 175, 65, 71 ۽ 89 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ٿي رهي هئي ته گوڙ ڪيو ويو. ٻئي طرف پريڊي ٿاڻي تي ريڪائونٽنگ آفيسر امتياز ڪلهوڙو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي ڄاڻايو ته اسان اين اي 231 جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪري رهيا هئاسين، 11 هين وڳي نامعلوم ماڻهو هٿيارن ۽ ڏنڊن سان آفيس ۾ زبردستي داخل ٿيا، نامعلوم ماڻهن کي ٻُٽ ٻڌل هو، نامعلوم جوابدارن آفيس ۽ ڪميٽي روم جو دروازو ٽوڙيو، جوابدارن آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ پولنگ اسٽيشن 65, 71, 98 ۽ 175 جا پولنگ بيگ کڻي فرار ٿي ويا، جوابدارن بلڊنگ سامهون پولنگ بيگ ساڙي ڇڏيا

ريجنل اليڪشن ڪميشن پاران واقعي جي رپورٽ اختيارين حوالي

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ريجنل اليڪشن ڪميشن پاران صوبائي اليڪشن ڪميشن ۽ گهرو وزير کي واقعي بابت رپورٽ موڪلي وئي, رپورٽ موجب ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ دوران 11 وڳي اڻ ڄاتل نقاب پهريل هٿياربندن ريجنل آفيس تي حملو ڪيو, هٿياربند هٿيارن جي زور تي زبردستي گيٽ ٽوڙي ڪري آفيس ۾ داخل ٿيا, ڪميٽي روم ۾ داخل ٿي سرڪاري سامان جي ڀڃ ڊاهه ڪئي, هٿياربندن زبردستي ڪري چار پولنگ اسٽيشنز جا پولنگ بيگ پاڻ سان گڏ کڻي ويا, رپورٽ موجب شرپسندن پولنگ بيگس کي آفيس جي سامهون ئي باهه ڏئي ڇڏي, ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران پوليس جي نفري به موجود هئي, پوليس جي موجودگي باوجود نقاب پوش ماڻهن آفيس تي حملو ڪيو, واقعي بابت فوري ڪارروائي ڪئي وڃي  ۽ ڪيس داخل ڪيو وڃي

پ پ جا ڪارڪن ووٽن جا ٻورا کڻي ويا، ثبوت موجود آهن: خالد محمود علي

ڪراچي: پي ٽي آءِ جي هارايل اميدوار ۽ ٻيهر ووٽنگ جي درخواست ڏيندڙ خالد محمود چيو ته پيپلزپارٽي جا ڪارڪن اسان تي حملو ڪرڻ بعد ووٽن جا ڀريل ٻورا، موبائيل فون ۽ ٻيو ريڪارڊ ڦري کڻي ويا، اسان وٽ وڊيو ثبوت موجود آهن،