مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو انتظامي بحران جو شڪار، اهم عهدا ٽن سالن کان خالي پيل

0
73
مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو انتظامي بحران جو شڪار، اهم عهدا ٽن سالن کان خالي پيل
مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو انتظامي بحران جو شڪار، اهم عهدا ٽن سالن کان خالي پيل

حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي انتظاميا انتظامي بحران جو شڪار ٿي وئي. گذريل 3 سالن کان رجسٽرار، ڪنٽرولر، ڊائريڪٽر ايچ آر، پرووسٽ ھاسٽلز، انسپيڪٽر آف ڪاليجز، ايڊوائيزر اسٽوڊنٽ افيسئرس، انچارج ٽرانسپورٽ، چيئرمين ڪالوني افيسئرس، ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن سميت ڪيترائي عھدا خالي پيل آھن

مليل ڄاڻ موجب رجسٽرار لڇمڻ گذريل ٽن سالن کان رجسٽرار جي ايڊيشنل چارج تي ويٺل آھي، جڏھن ته ايڊيشنل رجسٽرار فواد لاشاري ايڊيشنل رجسٽرار سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽ آفيسر جي اضافي چارج تي پڻ ويٺل آھي

ان کانسواءِ ڊاڪٽر عامر سومرو پرووسٽ ھاسٽلز، ڊاڪٽر علي اصغر ميمڻ انسپيڪٽر آف ڪاليجز، پروفيسر جڙيل سانگي پرنسپال پبلڪ اسڪول، ڊاڪٽر عبدالفتاح عباسي ايڊوائيزر اسٽوڊنٽ افيئرس، ڊاڪٽر فھيم اللھ شيخ چيئرمين ڪالوني افيئرس، ڊاڪٽر شيراز ميمڻ ڊائريڪٽر ڪيو اي سي، ڊاڪٽر سڪندر عالماڻي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ ايڊ آفيس، سيد رضا شاھ ڪنٽرولر، ڊاڪٽر آصف شاھ ڊائريڪٽر مسٽڊ، رفيق ميمڻ ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن ۽ سھيل احمد کٽياڻ ڊائريڪٽر ايچ آر جي اضافي چارجن تي ويٺل آھن جيڪي اضافي چارجن جو الائونس ۽ اضافي تيل پڻ کڻي رھيا آھن جڏھن ته يونيورسٽي انتظاميا ڄاڻايل پوسٽون ڀرڻ لاءِ ٽن سالن کان اشتھار ڏيڻ کان قاصر آھي جڏھن ته ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي ته يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتو خبر ھئڻ باوجود اڃا تائين خاموش آھي.