اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل حڪومت کي 3 طلاقون گڏ ڏيڻ کي قابل سزا بڻائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي
نظرياتي ڪائونسل پاران ڏاج ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي 6 مهينا مان وڌائي هڪ سال سزا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، شادي جي خرچ جي حد 25 هزار مان وڌائي 2تولا سون برابر ڪرڻ جي منظوري به ڏني
اجلاس ۾ نظرياتي ڪائونسل نڪاح فارم ۾ ٿيليسيميا ٽيسٽ ڪرائڻ جو ڪالم ٺاهڻ جي تجويز اسان اتفاق ڪيو ويو
ٿيليسيميا پازيٽو هجڻ تي شادي جي اجازت نه ڏيڻ تي اتفاق نه ٿيو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل ماءُ جي کير جي بينڪ ٺاهڻ تي سيمينار ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو