وزيراعظم شهباز شريف ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ کي انٽر سروسز انٽيليجنس جو نئون ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪري ڇڏيو
محمد عاصم ملڪ جلد رٽائر ٿيندڙ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي جاءِ وٺندو، عاصم ملڪ 30 سيپٽمبر تي پنهنجي نئين ذميواري سنڀاليندو
ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ ايڊجوائنٽ جنرل جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي، ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ ان کان اڳ بلوچستان ۾ انفنٽري ڊويزن ۽ وزيرستان ۾ انفنٽري برگيڊ ڪمانڊ ڪري چڪو آهي
ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ چيف انسٽرڪٽر اين ڊي يو ۽ انسٽرڪٽر ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئٽا به رهي چڪو آهي
ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ فورٽ اليون ۽ رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽيڊيز جو گريجوئيٽ به آهي