لاڙڪاڻو پوليس عدالت لڳائي ڇڏي، تحويل ۾ ورتل نينگري ڪنوار کي ڇڏي ڏنو

0
52

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي شهيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو ٿاڻي جي پوليس ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر سرفراز پيچوهو، ايس ايڇ او شهيد عبدالمالڪ ڀٽو ۽ ايس ايڇ او وومين جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس لائين ۾ سنڌ چائلڊ ميريج ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي 13 ورهين جي نابالغ نينگري عاليه ڌيءَ خالد حسين جي ننڍي عمر ۾ زبردستي شادي ڪرائڻ واري معاملي جي سڌ پوڻ تي ڪاروائي ڪئي

جنهن ۾ پوليس نينگري عاليه کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي سندس والد خالد حسين ۽ امڙ شميم خاتون کي وومين ٿاڻي تي طلب ڪري ورتو. ان حوالي سان ايس ايس پي سيد عبدالرحيم شيرازي نابالغ نينگري عاليه جو ب فارم طلب ڪري ورتو جنهن موجب سندس جي عمر 13 ورهين ظاهر ٿي آهي

اهڙي تصديق بعد پوليس نينگري جي والدين کي ننڍي عمر جي شادي جي ايڪٽ واري قانون بابت آگاهي ڏيندي کين پابند بڻايو ته ننڍي عمر ۾ ٻارڙي جي شادي ڪرائڻ تي توهان خلاف سنڌ چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿي سگهي ٿي جنهن تي 13 ورهين جي نينگري جي والدين طرفان لکت ۾ اهڙي خاطري ڪرائي وئي ته هو سنڌ چائلڊ ميريج ايڪٽ قانون جا پابند آهن ۽ پنهنجي ڌيءَ جي شادي ننڍي عمر ۾ نه ڪرائيندا

ان موقعي تي نينگري جي ڪٽنب جي مالي حالت کي نظر ۾ رکندي سنڌ پوليس طرفان نينگري جي والد ۽ والده کي 50 هزار روپين جي رقم ڏيندي سندن جي مالي سهائتا ڪئي وئي. هوڏانهن نينگري ۽ سندس والدين کي باحفاظت گهر روانو ڪيو ويو