لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ لڌو ڪلهوڙو ۾ مبينا گهرو اڻبڻت تان وڏي ڀاءُ جوابدار ظهير ڪلهوڙو گهر ڀاتين سان گهرو اڻبڻت تان جهيڙو ڪرڻ بعد زرعي زمينن تي وڃي چئن ٻارن جي پيءُ ننڍي ڀاءُ 38 ورهين جي صدام پٽ روشن علي ڪلهوڙو کي گولي هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو، اهڙي اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا بعد ۾ وارثن زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي زخمي پورهيت زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، ان موقعي تي مقتول جي وارثن ٻڌايو ته ظهير ڪلهوڙو پنهنجي امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائي گهر وارن سان جهيڙو ڪيو جنهن کي سندس ڀاءُ صدام ڪلهوڙو روڪي جهيڙي کي ٽاريو بعد ۾ ظهير زرعي زمينن ۾ وڃي صدام سان جهيڙو ڪري کيس گولي هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدار ظهير ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان تعلقي ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو ڪاٺين جي پئسن جي ڏيتي ليتي تان ظهير پنهنجي ڀاءُ صدام ڪلهوڙو کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، مقتول 4 ڪيسن ۾ روپوش هو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد گرفتار ڪيو ويندو.