لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي مڪمل طور غير فعال: 255 ملازمن کي مڪاني ڪائونسلن پاران وٺڻ کان انڪار

0
22
لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي مڪمل طور غير فعال: 255 ملازمن کي مڪاني ڪائونسلن پاران وٺڻ کان انڪار
لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي مڪمل طور غير فعال: 255 ملازمن کي مڪاني ڪائونسلن پاران وٺڻ کان انڪار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي ڪيتري ئي عرصي کان مڪمل طور تي غير فعال بڻيل، اٿارٽي جي 255 ملازمن کي سنڌ سرڪار جي فيصلي باوجود لوڪل ڪائونسلن پاران وٺڻ کان انڪار

مڪاني ادارن واري کاتي جي اختيارين لاڙڪاڻو، دادو، قمبر، شڪارپور ۽ خيرپور جي ضلعي ڪائونسلن سميت مختلف تعلقن جي ٽائون ميونسپلز کي خط لکي ايل ڊي اي ملازمن کي جوائننگ ڏيڻ جي هدايت

ملازمن وڏي عرصي کان پگھارن ۽ سهولتن کان محروم بڻيل آهن.  ان حوالي سان ڪالهه مڪاني ادارن واري کاتي جي اختيارين لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي 255 ملازمن کي مختلف ڪائونسلن ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ ڪائونسل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن

مڪاني ادارن واري کاتي پاران لاڙڪاڻي، دادو، قمبر، شڪارپور ۽ خيرپور جي ضلعي ڪائونسلن کي خط لکي  ايل ڊي اي ملازمن کي جوائنگ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

جڏهن ته ڪراچي، خيرپور، سکر، دادو، نوشهروفيروز سميت ٻين ٽائون ميونسپل ڪمشنرن کي به پڻ خط لکي ايل ڊي اي ملازمن کي جوائنگ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي

ذريعن موجب ته ڪائونسل اختيارين پاران ايل ڊي اي ملازمن کي جوائنگ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي