لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي 9مئي جي 4 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد 5 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني انهن ڪيسن ۾ نامزد نه هو، کيس بيان جي روشني ۾ نامزد ڪيو ويو ۽ مٿس رڳو همٿائڻ جو الزام هو، 9مئي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان درخواست گذار کي گرفتار ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺندي گرفتاري بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، سپريم ڪورٽ جي سامهون پي ٽي آءِ باني 9مئي جي واقعن جي مذمت ڪئي